گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

مالڪ ابو عبدالڪريم

ـ 3 ملين ڊالر کان مٿي جو انعام

مالڪ ابوعبدالڪريم دهشتگرد تنظيم القائده ان دا لينڊس آف دا اسلامڪ مغرب (اي ڪيو آءِ ايم) جي اندر ويڙهاڪن جي ڪمپني جو هڪ سينئير اڳواڻ آهي. عبدالڪريم جي ڪمانڊ هيٺ، هن جي ڪمپني هٿيار گڏ ڪيا، ماڻهون اغوا ڪيا، ۽ اتر ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ ننڍي پيماني وارا دهشتگرد حملا ڪيا. عبدالڪريم خبرن مطابق ان ڳالھ جو ذميدار آهي ته هن هڪ ٻاهتر سالا پوڙهي فرانسيسي باندي کي نائيجر ۾ جولاءِ 2010 تي قتل ڪيو.  جون 2010 تي عبدالڪريم جي ڪمپني طرفان ڪيل هڪ حملي ۾ 11 الجيريا جا سپاهي مارجي ويا.

القائده ان دا لينڊس آف دا اسلامڪ مغرب (اي ڪيو آءِ ايم)، جيڪو پهريان سالافسٽ گروپ فار پريچنگ انڊ ڪامبيٽ (جِي ايس پي سي) جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، اتر اولھ آفريڪا ريجن ۾ درجني دهشتگرد حملا ڪري چڪو آهي. اي ڪيو آءِ ايم خودڪش بمن، مغربين کي اغوا، قتل، ۽ امپرووائزڊ ايڪسپلوزو ڊيوائس وارن حملن جي ذميداري جي دعويٰ ڪري چڪو آهي. گروپَ ڊسمبر 2007 ۾ هڪ ئي وقت ٻه خودڪش آپريشن ڪيا، هڪ گڏيل قومن جي پروگرام هيڊڪوارٽر کي ۽ ٻيو الجيرين ڪانسٽيٽيوشنل ڪائونسل کي نشانو بڻايو، جن ۾ 42 ماڻهون مري ويا ۽ 158 کن زخمي ٿيا. اي ڪيو آءِ ايم جون 2009 تي هڪ آمريڪي شهري ڪرسٽوفر ليگيت جي قتل جي ذميداري به قبول ڪئي آهي، جيڪو موريتانيا ۾ هڪ مشنري ڪم جو انتظام ڪري رهيو هو. سيپٽمبر 2012 تي، اي ڪيو آءِ ايم پنهنجن ميمبرن کي يو ايس سفارتخانن کي ڌمڪائڻ ۽ يو ايس سفيرن کي قتل ڪرڻ لاءِ همٿايو. اي ڪيو آءِ ايم سيپٽيمبر 2006 تي القائده کي پنهنجو آفيشل اتحادي هئڻ جو اعلان ڪيو، ۽ تڏهن کا مغربي نشانن تي حملي ڪرڻ جي ارادن کي وڌيڪ مضبوط ڪري چڪا آهن. 

يو ايس ڊپارٽمينٽ آف اسٽيٽ جِي ايس پي سي کي اميگريشن اينڊ نيشنلٽي ايڪٽ (ترميم ڪيل) سيڪشن 219 تحت 27 مارچ 2002 تي، هڪ فارين ٽيررسٽ آرگنائزيشن ۾ نامزد ڪيو ۽ گروپ جي نامزدگي کي ان جي نئين نالي اي ڪيو آءِ ايم سان 16 آڪٽوبر 2009 تي نئين سر نامزد ڪيو. يو ايس ڊپارٽمينٽ آف ٽريزري 21 فيبروري 2008 تي  گروپ کي ايگزيڪٽِو آرڊر 13224 تحت اسپيشل ڊيزگنيٽيڊ ٽيررسٽ اينٽٽي جي نالي سان به نامزد ڪيوويو.