ڊسمبر 1996 ۽ جنوري 1997 جي وچ ڌاري ، 16 خط ـ بم هوليڊي گريٽنگ ڪارڊ جي صورت ۾ ٽپال ذريعي آمريڪا ۽ برطانيا ۾ خط وصول ڪندڙن ڏانهن موڪليا ويا.
هنن خطن وارن بمن مان 13 الحيات اخبار جي نيويارڪ، واشنگنٽن ڊي سي، ۽ لنڊن وارن آفيسن تي موصول ٿيا. هڪ بم لنڊن ۾ ڦاٽو، جنهن ۾ ٻه معصوم ماڻهو زخمي ٿي پيا. ٻيا ٽي خط ـ بمَّ آمريڪا جي ليوينورٿ ڪنساس ۾ وقع فيڊرل پينيٽينشري (توبه گاه) وٽ ڳولهيا ويا.
هر هڪ بم واري خط تي اسسڪندريه ـ مصر جي ٽڪلي لڳل هئي، ۽ تاريخ 21 ڊسمبر 1996 لکيل هئي، ۽ ڪنهن تي به واپسي جي ايڊريس لکيل نه هئي. بمَ سادي اڇي لفافي ۾ هيا، جن تي ٻين ڪيترن ئي مختلف نشانين سا گڏ ڪمپوٽر مان نڪتل ايڊريس لڳل هيون.
انصاف لاءِ انعامن وارو پروگرام ان معلومات جي لاءِ 5 ڊالر تائين انعام آڇي رهيو آهي جيڪا هن حملي لاءِ ذميوارن کي انصاف ڏياري ٿي.