دهشت جا عمل
...کے بارے میں معلومات

خوبر ٽاورن تي بمباري

دهران، سعودي عرب | 25 جون، 1996

25 جون 1996 تي، سعودي حزب الله جي ميمبرن ڌهارن ـ سعودي عرب جي ويجهوخوبار ٽاور هائوسنگ ڪمپليڪس کي دهشتگردي جو نشانو بڻايو. ان وقت هي ڪامپليڪس آمريڪي فوجي شخصيات لاءِ رهائش طور استعمال ٿيندو هو. دهشتگردن هڪ پلاسٽڪ جي ڌماڪيدار مادي سان ڀريل ٽينڪر ٽرڪ کي ڪمپليڪس جي پارڪنگ لاٽ ۾ پارڪ ڪري، ٿوري دير کانپوءِ ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. جنهن ۾ ڀرپاسي وارين عمارتن جي تباهي سان گڏوگڏ، 19 آمريڪي ملازم، هڪ سعودي شهري مري ويو ۽ 372 مختلف شهريت جا ماڻهون زخمي ٿي پيا.

21 جون 2001 تي، فيڊرل گرانڊ جيوري اسڪندريه ـ ورجينيا ۾ 14 دهشتگردن تي مقدمو هلايو ويو.احمد المغصل، علي الحوري، ابراهيم اليعقوب، عبدالڪريم الناصر ۽ ڪيترن ئي ٻين تي مختلف وارداتن ۾ ملوث هجڻ جي ڪري فرد جرم لاڳو ڪيو ويو. هن فرد جرم جي مطابق 14 مان نوَ دهشتگردن تي 46 مختلف ڪرمنل وارداتن ۾ ملوث هجڻ جو الزام آهي، جن ۾ آمريڪن جو قتل، آمريڪي سرڪاري ملازمن جو قتل، تباهي وارو مادو استعمال ڪرڻ، آمريڪي ملڪيت کي تباه ڪرڻ، بم ڦاڻڻ ۽ قتل (وغيره) شامل آهن.

انصاف لاءِ انعامن وارو پروگرام ان معلومات جي لاءِ 5 ڊالر تائين انعام آڇي رهيو آهي جيڪا هن حملي لاءِ ذميوارن کي انصاف ڏياري ٿي.