7 آگسٽ 1998 تي، القائده جي دھشتگرد گروپن ھڪ ئي وقت نيروبي ۽ دارالسلام، تنزانيه ۾ آمريڪي سفارتخانن ۾ ڌماڪا ڪيا. انصاف جي پروگرام لاءِ 5 ملين تائين انعام ڏيڻ جي آفرڏيئي رھيو آھي ان معلومات لاءِ جيڪا انصاف تائين آڻيندي ۽ فردن کي جيڪي انھنن حملن جا ذميوار آھن.
نيروبي ۾، دھشتگردن ڌماڪي واري مادي سان ڀريل مواد ٽرڪ ھلائيندي، آمريڪي سفارتخاني جي پارڪنگ گريج ويجھو، تباھي آڻيندڙ بم ڦاڙيو ، ان حملي ۾ 213 انسان مارجي ويا جنھن ۾ 44 سفارتخاني جا ملازم (12 آمريڪي ۽ 32 غيرملڪي شھري) شامل ھيا ۽ 5000 کان وڌيڪ زخمي ٿيا جن ۾ سفير پروڊنس بش نيل شامل ھئو.
دارالسلام ۾، دھشتگردن ڌماڪي واري مواد سان ڀريل ٽرڪ ھلائيندي سفارتخاني جي دروازي سان ٽڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ، سفارتخاني جي آفس وٽ فائرنگ شروع ڪئي ۽ پوءِ ڌماڪا ڪيا. ان جي نتيجي ۾ 11 ماڻھو مارجي ويا ۽ 85 زخمي ٿيا.
بمن سان حملن جي ڪري سفارتخاني جي عمارت کي وڏو نقصان ٿيو ۽ ويجھو آفيسون ۽ ڪاروبار تباھ ٿي ويا.
ھيٺين فردن تي مقدمو ھلايو ويو ۽ وفاقي عدالت سڳوري حملن جي تعلق سان ڏوھي ٺھرايو: |
|
|
|
|
|
ھيٺين اھم شڪي فردن تي عمري وڏي اھم عدالت پاران ڌماڪن جي حوالي سان فرد جرم لاڳو ڪيو ويو:
• ايمن الظواھري، القائده جو ھاڻوڪو اڳواڻ • سيف العدل، القائده جو اھم اڳواڻ • عبدالله احمد عبدالله، القائده جو اھم اڳواڻ • اسامه بن لادن، اڳوڻو القائده جو اڳواڻ (مري ويل) • محمد عاطف، القائده جو اڳوڻو ملٽري اڳواڻ (مري ويل) • انس اللبي، القائده جو اڳوڻو اھم اڳواڻ (مري ويل) |
انصاف جي پروگرام جو انعام ۾ 10 ملين تائين آفر ڪئي پئي وڃي اھڙي معلومات لاءِ جيڪا جڳھ، گرفتار يا سيف العدل کي ڏوھي ٺھرائڻ ۽ عبد الله احمد عبد الله کي به ۽ ايمن الظواھري جي معلومات لاءِ 25 ملين تائين انعام. |
انعام جي آفر آمريڪي سفارتخاني تي ڌماڪن سان لاڳاپيل آھي |