دهشت جا عمل
...کے بارے میں معلومات

قونصل خاني جا قتل

ڪراچي، پاڪستان | 8 مارچ، 1995

8 مارچ 1995 جي صبح جو، هڪ اڇي وين ڪراچي ۾ آمريڪي قونصلخاني ڏانهن مسافرن کي انهن جي ڪم طرف کڻي وڃي رهي هئي.ته هڪ مصروف چوراهي تي هڪ پيلي ٽيڪسي اچانڪ وين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندي ان جي آڏو اچي بيهي رهي، جڏهن ته هڪ ٻي ڪار هن جي مدد ڪئي. ماسڪ پيهريل دهشتگرد آٽوميٽڪ بندوقن سا گڏ اچانڪ ڪار مان لهي وين جي مٿان گولين جو وسڪارو لاهي ڏنو، وين جا شيشه چڪنا چور ٿي ويا ۽ وين گولين جي سوراخن سان ڇني ٿي وئي. حملي ۾ قونصلخاني جا ٻه آمريڪي ملازم مري ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

انصاف لاءِ انعامن وارو پروگرام ان معلومات جي لاءِ 5 ڊالر تائين انعام آڇي رهيو آهي جيڪا هن حملي لاءِ ذميوارن کي انصاف ڏياري ٿي.