گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

جهاد سرواڻ مصطفيٰ

5 ملين ڊالر تائين

جهاد سرواڻ مصطفيٰ، جيڪو احمد گُري، انور المريڪي، يا امير انور جي نالن سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو؛ هڪ امريڪي شهري ۽ اڳوڻو ڪيليفورنيا جو رهاڪو آهي. هي الشباب جي لاءِ ڪيترائي ڪم سرانجام ڏيندو رهيو آهي، جن ۾ تربيتي ڪيمپ تي استاد ۽ پرڏيهي ويڙهاڪن لاءِ ليڊر رهيو آهي. هي گروپ جي ميڊيا سرگرمين ۾ به ماهريافته رهيو آهي. مصطفٰي هڪ آمريڪي شهري آهي جيڪو 2005 ۾ صوماليه منتقل ٿيڻ کان پهريان سين ڊييگو، ڪيليفورنيا ۾ رهندو هو. هي صوماليه، يمن، حبشه، ڪينيا ۽ ٻين آفريڪي ملڪن تي گهمندو رهيو آهي، يا ممڪنن انهن جڳهن تي گهمي سگهي ٿو.

مصطفيٰ ايف بي آءِ جي موسٽ وانٽيڊ دهشتگردن جي لسٽ تي آهي، ۽ هن جي دهشتگرد سرگرمين جي ڪري ايف بي آءِ هن کي ڳولهي رهي آهي. 9 آڪٽوبر، 2009 تي، يونائٽيڊ اسٽيٽس ڊسٽرڪ ڪورٽ، سدرن ڊسٽرڪٽ آف ڪيليفورنيا ۾ مصطفيٰ لاءِ وفاقي اريسٽ وارنٽ جاري ڪيو ويو.مصطفيٰ کيهيٺينجُرمن ۾ ڏوهيٺهرايوويوآهي: دهشتگردنکيمادي امداد مهياڪرڻجي سازش؛ پرڏيهيدهشتگردتنظيمنکيمادي امداد مهياڪرڻجي سازش؛ ۽ پرڏيهيدهشتگردتنظيمنکيمادي امداد مهياڪرڻ.

ـ الشباب صومالي ڪائنسل آف اسلامڪ ڪورٽس جي شاخ آهي جنهن 2006 جي ٻئي اڌ ۾ تقريبا پوري ڏکڻ صوماليه کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو هو. الشباب وچ صوماليه ۽ ڏکڻ صوماليه پنهنجي فتني فساد وارن عملن کي جاري رکندا آيا آهن. هي گروپ ڪيترن ئي بمن وارن واقعن جي ذميداري قبول ڪري ٿو ــ جنهن ۾ ڪيتران ئي قسمن جا خودڪش حملا به شامل آهن، خصوصاً موگاديشو ۽ وچ ۽ اتر صوماليه ۾. جنهن ۾ مکيه ٽارگيٽ صومالي حڪومتي افسران ۽ صوماليه جي ٽرانزيشنل فيڊرل گورنمينٽ (ٽي ايف جِي) جا ساٿي سمجها ويندڙ ماڻهون شامل آهن. الشباب کي آڪٽوبر 2008 ۾ پنج خودڪش ڪار بم ڌماڪن جو ذميدار به سمجهیو وڃي ٿو، جن هڪ ئي وقت اتر صوماليه جي ٻن شهرن کي نشانو بڻايو، ۽ نتيجي ۾ 26 ماڻهون مري ويا ۽ 29 زخمي ٿيا. الشباب 11 جولاءِ 2010 تي ڪمپالا، يوگنڊا ۾ ٻن خودڪش بمن جا ذميدار به رهيا آهن، جنهن ۾ 70 کان مٿي ماڻهون اجل جو شڪار ٿيا، جن ۾ هڪ آمريڪي به هو. ان کان علاوه هي گروپ صومالي امن لاءِ سرگرم ڪارڪنن، بين الاقوامي ايڊ ورڪرس، ڪيترن ئي عام شهري شخصيات ۽ صحافين کي قتل ڪرڻ جا ذميدار به آهن. فيبروري 2012 ۾ الشباب ۽ القائده پنهجي رسمي اتحاد جو اعلان ڪيو.

ـ دَ يو ايس ڊپارٽمينٽ آف اسٽيٽ الشباب کي 26 فيبروري 2008 تي اميگريشن اينڊ نيشنل ايڪٽ (ايز امينڊيد) جي سيڪشن 219 هيٺ فارين ٽيررسٽ آرگنازيشن (ٻاهرين ملڪن جون دهشتگرد تنظيمون) ۾ نالو ڏنو. ۽ 29 فيبروري 2008 تي ايگزيڪٽو آرڊر 13224 تحت سپيشل ڊيزگنيٽيڊ گلوبل ٽيررست ۾ به نامزد ڪيوويو.