دهشت جا عمل
...کے بارے میں معلومات

داعش جو اغوا ڪرڻ وارو نيٽ ورڪ

آمريڪي حڪومت جي رياستي معاملن جو روارڊ فار جسٽس پروگرام ( انصاف لاءِ انعام پروگرام) ائسس جي اغوا ڪرڻ واري نيٽ ورڪ يا انهن ماڻهن بابت جيڪي عيسائي مذهبي عالم ماهر محفوظ، مائيڪل ڪيال. گريگورييوس ابراهيم، بولوس يازيگي ۽ ڊال اوگليو جي اغوا ڪندڙ ماڻهن بابت معلومات ڏيندا تن لاءِ پنجاھ لک ڊالرن جي انعام جو اعلان ڪري ٿو. انهن انعامن جي آڇ داعش خلاف اسانجي جنگ جي هڪ اهم موقعي تي ڪجي ٿي. مذهبي اڳواڻن جو اغوا داعش جي بي رحماڻي هٿڪنڊن ۽ بي گناھ فردن کي نشانو بنائڻ واري سندن راضپي کي ظاهر ڪري ٿو.

9 فيبروري 2013 تي يوناني آرٿاڊاڪس پادري ماهر محفوظ ۽ آرمينيائي ڪيٿولڪ پادري مائيڪل ڪيال هڪ عوامي بس ۾ شام جي ڪافرون جي خانقاھ طرف سفر ڪري رهيا هئا. حلب کان لڳ ڀڳ ٽيھ ڪلوميٽر پري، داعش جي مشتبه انتهاپسندن گاڏي کي روڪيو، مسافرن جا ڪاغذ چڪاسيائون ۽ ٻنهي پادرين کي بس مان لاٿائون. تڏهن کان انهن جي باري ۾ ڪو ڏس پتو ڪونهي.

22 اپريل 2013، شام جي آرٿاڊاڪس آرچ بشپ گريگورييوس ابراهيم، يوناني آرٿاڊاڪس آرچ بشپ بولوس يازيگي کي ساڻ کڻڻ لاءِ حلب شام کان ترڪي طرف سفر ڪري رهيو هو. جڏهن هو شام جي المنصوره ڀرسان هڪ چيڪ پوائنٽ وٽ پهتا ته ڪيئي هٿياربند ماڻهن آرچ بشپ تي لِڪي حملو ڪيو ۽ سندن گاڏي تي قبضو ڪيائون. پادري جي ڊرائيور جو بعد ۾ لاش مليو. آرچ بشپ بابت چيو وڃي ٿو ته شروع ۾ کين القاعده سان منسلڪ هڪ گروپ بنام جبهات النصره اغوا ڪيو آهي. بهرحال آرچ بشپن کي بعد ۾ آئسس جنهن کي داعش به چيو وڃي ٿو، تنهن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

29 جولائي 2013، آئسس، اطالوي مسيحي پادري پائلو ڊال اوگليو کي رقاه مان اغوا ڪيو. فادر ڊال اوگليو، فادر محفوظ، ڪيال ۽ آرچ بشپ ابراهيم ۽ يازيگي جي آزادي بابت ڳالهائڻ لاءِ آئسس سان ملڻ جو منصوبو ٺاهيو هو. تڏهن کان سندس باري ۾ ڪنهن کي ڪجھ خبر ناهي.

آئسس آمريڪا توڙي وچ اوڀر ۾ اسانجي حمايتي ملڪن ۽ دنيا لاءِ هڪ مکيه خطري طور موجود آهي. اسان عراق توڙي شام ۾، هن دهشتگرد خطري کي شڪست ڏيڻ لاءِ سندن ڪوششن ۾ پنهنجن حمايتين سان سهڪار جاري رکنداسين ۽ عالمي اتحاد سان پنهنجو تعاون قائم رکنداسين ته جيئن آئسس کي دنيا ۾ ڪٿي به محفوظ پناهگاهون نه ملن. آئسس 2004 ۾، ابو مساف الزرقاوي پاران عراقي القاعده يا اي ڪيو آئي طور وجود ۾ آئي. هن گروپ ۾ بعد اسلامڪ اسٽيٽ آف عراق جي نالي سان سڃاتو ويو.

عراق ۽ شام ۾ جنگ وڙهڻ لاءِ آئسس دنيا مان هزارين پوئلڳ ڀرتي ڪيا. آئسس انهن ملنن ۾ آئسس جي ماڻهن انتهائي گنڀير ۽ منظم طريقي سان انساني حقن جون خلاف ورزيون ڪيون ۽ ٻيا ڪيئي ظلم ڪيا. آئسس جي ماڻهن قتل عام ڪيا آهن، ٻارن کي ماريو ۽ اپاهج ڪيو آهي، زنا، انساني اسمگلنگ ۽ ٻيو تشدد ڪيو جنهن جو نشانو فرد ۽ پوريون برادريون بنيون. انهن علائقن ۾ جتي هنن جو ڪنٽرول هو اتي آئسس يزيدين، عيسائين ۽ شيعه مسلمانن جي نسل ڪشي جي ذميوار ۽ انهن گروپن توڙي انسانيت جي خلاف ڏوھن ۽ انهن گروپن توڙي سني مسلمانن، ڪردن ۽ ٻين اقليتن جي نسلي صفائي لاءِ ذميوار آهي. اپريل 2013 ۾ آئسس جي موجوده اڳواڻ ابوبڪر البغدادي، ظاهر ظهور اهو اعلان ڪيو ته اسلامڪ اسٽيٽ آف عراق داعش جي نالي سان ڪم ڪري ٿي. جون 2014 ۾ آئسس جنهن کي داعش جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو تنهن عراق ۽ شام جي ڪجھ حصن تي قبضو ڪري نام نهاد اسلامي خلافت طور اعلان ڪيو ۽ البغدادي کي خليفي طور اعلان ڪيو ويو. ويجهن سالن ۾، آئسس کي جهادي گروپن جي اطاعت ملي آهي ۽ آمريڪا تي حملن لاءِ اتساهڻ خاطر، سموري دنيا مان ماڻهن کي انتها پسند لائين تي تيار ڪيو پيو وڃي.

سندس وڌيڪ ڦوٽو

ISIS Kidnapping Networks - English
ISIS Kidnapping Networks - French
ISIS Kidnapping Networks - Kurdish
ISIS Kidnapping Networks
Mahfouz
Kayyal
Gregorios
Yazigi
Paulo