گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

حسين محمد العمري

5 ملين ڊالر تائين

ـ يو ايس ڊپارٽمينٽ آف اسٽيٽ 5 ملين ڊالر انعام جي منظوري ڏني آهي، جيڪو حسين محمد العمري کي ڏوهي ٺهرائڻ يا ان کي گرفتار ڪرائڻ جي معلومات مهيا ڪندو.

ـ حسين محمد العمري 11 آگسٽ 1982 ۾ پان آميريڪن ورلڊ ائيرويز فلائٽ 830 تي بم ڦاڻڻ جي الزام ۾ ايف بي آءِ کي گهربل آهي ، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ مسافر مارجي ويو ۽ 16 زخمي ٿيا، ۽ 267 مسافرن ۽ سوار عملي کي مارڻ جي ڪوشش جو به هن تي الزام آهي. العمري انهن ٽن ماڻهن مان هڪ آهي جن تي الزام آهي ته هنن هڪ اهڙو ڌماڪيدار مادو ٺاهيو ۽ تڏهن تباه ڪيو جڏهن جهاز ناريتا، جپان کان هونولولو، هووائي طرف اڏام ڀري رهيو هو.

ـ العمري تي ڊسٽرڪ آف ڪولمبيا ۾ يو ايس ڊسٽرڪ ڪورٽ طرفان هيٺيان فردجرم لاڳو ڪيا ويا آهن. (1) ملڪيت کي حملو ڪري ۽ نقصان پهچائڻ جي سازش؛ (2) قتل ڪرڻ جي سازش؛ (3) قتل؛ (4) جهاز کي ڀڃ ڊاه ڪرڻ؛ (5) جهاز کي پرڏيهي تجارت ۾ استعمال ڪري نقصان پهچائڻ؛ (6) جهاز تي بم نصب ڪرڻ؛ (7) حملو ڪرڻ؛ (8) جهاز جي ڀڃ ڊاه جي ڪوشش ڪرڻ، ۽ (9) ڪنهن غلط ڪم ۾ همٿائڻ ۽ معاون بڻجڻ. 1998 ۾، هن جو هم سازشي محمد رشيد، جنهن جهاز ۾ بم نصب ڪيو هو، گرفتار ڪيو ويو ۽ آمريڪا آندو ويو. هن پنهنجي بم واري ڪردار جو اعتراف ڪندي عرض نامو پيش ڪيو، ۽ پنهنجي عرض جي ضمن ۾ هڪ ڪوآپريشن ايگريمينٽ تي سائن ڪئي.

ـ العمري هڪ ماسٽر بم ميڪر سمجهو ويندو آهي ۽ هڪ وقت 15ـ مئي نالي هڪ دهشتگرد گروپ جو ليڊر به رهيو. هن تي فرانس جي حڪومت جي طرفان ليومي بنڪ ۽ فرانس ۾ واقع مارڪس اينڊ سپينسر ڊپارٽمينٽ اسٽور تي 1985 ۾ بم ڦاڻڻ جو به الزام آهي.

ـ العمري کي ممڪناً لبنان جو پاسپورٽ آهي، جتي، خبرن مطابق هن جي زال رهائش پذير آهي. هي ٻن پٽن ۽ ٻن ڌئيرن جو پيءُ آهي. هي ڪيترن سالن کان عراق ۾ رهيو. جڏهن ته هن جي موجوده ٺڪاڻي جي ڪا خبر ناهي، ممڪن آهي هو لبنان يا عراق ۾ رهائش پذير هجي. خبرن مطابق هو هميشه هٿيار ساڻ کڻي سفر ڪندو آهي ۽ هن کي هميشو هٿياربند ۽ خطرناڪ سمجهو وڃي.

سندس وڌيڪ ڦوٽو

حسين محمد العمري