گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

حماد الخيري

5 ملين ڊالر تائين

حماد الخيري مومينٽ فار يونيٽي اينڊ جهاد ان ويسٽ آفريڪا (موجوا(MUJWA)، جنهن کي ايم يو جي اي او ۽ ٽي ڊبليو جي ڊبليو اي جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو) تنظيم جو اڳواڻ ۽ باني ميمبر آهي. خيري جي اڳواڻي هيٺ، موجوا جا ميمبر ڪيترن ئي اغوا، دهشتگرد حملن ۽ ٻاهرين سفيرن کي اغوا ڪرڻ وارن عملن ۾ ملوث رهيا آهن. خيري اپريل 2012 تي مالي ۾ ست الجيري سفيرن کي اغوا ڪرڻ واري ذميداري قبول ڪري ٿو، ۽ موجوا جي ويڊيوز ۾ تنظيم خلاف ماڻهن کي ڌمڪائيندو نظر اچي ٿو. جنوري 2012 تي، خيري اهو بيان ڏنو ته موجوا جو مقصد ”سڄي اوله آفريڪا ۾ شرعي نظام نافذ ڪرڻ آهي.“

موجوا جي اڳواڻي کان پهريان، خيري اي ڪيو آءِ ايم جو ميمبر هو، ۽ موريتانيا خلاف دهشتگرد حملن جا منصوبا ٺاهيندو هو. آڪٽوبر 2011 تي، خيري الجيريا ۾ ٽن يورپي امدادي ڪارڪنن کي اغوا ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا گولي لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيا.خيري کي 7 ڊسمبر 2012 تي، ايگزيڪٽو آرڊر 13224 مطابق دهشتگرد نامزد ڪيو ويو آهي.

موجوا سيپٽمبر 2011 تي القائده ان دا لينڊز آف دا اسلامڪ مغرب (اي ڪيو آءِ ايم) جي هڪ شاخ طور ٺاهي وئي هئي، جنهن جو بنيادي مقصد سڄي اوله آفريڪا ۾ دهشت پکيڙڻ هو. موجوا ڪيترائي حملا ۽ اغوا وارا عمل ڪري چڪو آهي، جن ۾ مارچ 2012 تي تمنراست، الجيريا ۾ خودڪش حملو به شامل آهي، جنهن ۾ 23 ماڻهون زخمي ٿي پيا. موجوا ڪينيڊا جي سفير ۽ گڏيل قومن جي نائب رابرٽ فولر کي اغوا ڪرڻ جي ذميداري به قبول ڪري ٿو. يونائيٽيڊ اسٽيٽس موجوا کي 7 ڊسمبر، 2012 تي هڪ خاص نامزد ڪيل عالمي دهشتگرد تنظيم طور نامزد ڪريو آهي، ۽ يو اين القائده سينڪشن ڪاميٽي موجوا کي 5 ڊسمبر 2012 تي اي ڪيو آءِ ايم سان لاڳاپيل هجڻ واري فهرست ۾ نالو درج ڪيو آهي.