گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

حافظ محمد سعيد

10 ملين ڊالر تائين

ـ حافظ محمد سعيد اڳوڻو عربي ۽ انجينيرنگ جو پروفيسر آهي، هن جماعت الدعويٰ جو بنياد رکيو، جيڪا هڪ اسلامي اهل حديث انتهاپسند تنظيم آهي، جنهن جا مقاصد پاڪستان ۽ هندوستان مٿان اسلامي رياست قائم ڪرڻ آهي، لشڪرِ طيبه هن جي هڪ فوجي شاخ آهي. سعيد کي ڪيترن ئي دهشتگردي وارن حملن جو ماسٽرمائنڊ سمجهو وڃي ٿو، جنهن ۾ 2008 ممبئي حملو به شامل آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 166 ماڻهون مري ويا، جن ۾ ڇھ آمريڪي هئا.

ـ ريپبلڪ آف انڊيا سعيد خلاف 2008 ممبئي حملن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪري انٽرپول ريڊ ڪارنر نوٽس جاري ڪري چڪو آهي. ان کان علاوه يونائيٽيد اسٽيٽس ڊپارٽمينٽ آف ٽريزري سعيد کي سپيشل ڊيزگنيٽيڊ نيشنل اڪزيڪٽِو آرڊر 13224 تحت به نامزد ڪري چڪو آهي. سعيد کي ڊسمبر 2008 ۾ گڏيل قومن يو اين ايس سي آر 1267 تحت فردا نامزد ڪيو آهي.

ـ ـ ڊسمبر 2001 تي لشڪرِ طيبه کي فارين ٽيررسٽ آرگنائزيشن جي حوالي سان نامزد ڪيو ويو آهي. اپريل 2008 ۾ يونائٽيڊ اسٽيٽس جماعت الدعويٰ کي فارين ٽيررست آرگنائزيشن جي حوالي سان نامزد ڪيو؛ ساڳي طرح يونائٽيڊ اسٽيٽس ڊسمبر 2008 ۾ جماعت الدعويٰ کي هڪ دهشتگرد تنظيم هئڻ جو به اعلان ڪيو هو.