گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

حافظ عبدالرحمان مڪّي

ـ 2 ملين ڊالر کان مٿي جو انعام

ـ حافظ عبدالرحمان مڪي لشڪرِ طيبه جو سيڪنڊ ان ڪمانڊ آهي، جيڪا اسلامي اهل حديث جي انتها پسند تنظيم آهي، جنهنجا مقاصد پاڪستان ۽ انڊيا جي ڪجھ حصن مٿان اسلامي رياست قائم ڪرڻ آهي. نومبر 2008 جي ممبئي حملن ۾ لشڪر طيبه جو هٿ سمجهيو وڃي ٿو، جنهن ۾ 166 ماڻهون مري ويا، جن ۾ ڇھ آمريڪي هئا. ان کان علاوه هندوستان جي ٻين ڪيترن ئي مختلف دهشتگردي وارن واقعن ۾ به هي تنظيم ملوث سمجھي وئي آهي.

ـ يونائيٽيد اسٽيٽس ڊپارٽمينٽ آف ٽريزري مڪي کي سپيشل ڊيزگنيٽيڊ نيشنل اڪزيڪٽِو آرڊر 13224 تحت نامزد ڪيو آهي.

ـ ڊسمبر 2001 ۾ لشڪرِ طيبه کي فارين ٽيررسٽ آرگنائزيشن جي حوالي سان نامزد ڪيو ويو. اپريل 2008 ۾ يونائٽيڊ اسٽيٽس جماعت الدعويٰ کي فارين ٽيررست آرگنائزيشن جي حوالي سان نامزد ڪيو؛ ساڳي طرح يونائٽيڊ اسٽيٽس ڊسمبر 2008 ۾ جماعت الدعويٰ کي هڪ دهشتگرد تنظيم هئڻ جو اعلان ڪيو.