دهشت جا عمل
...کے بارے میں معلومات

جان گرانول ۽ عبدالرحمن عباس راهاما جو قتل

خرطوم، سوڊان | 1 جنوري، 2008

1 جنوري 2008 تي، يو ايس شهري ۽ يو ايس ايجنسي فار انٽرنيشنل ڊيويلپمينٽ (يو ايس اي آءِ ڊي) جي ملازم جان گرانول ۽ هن جي سوڊاني ڊرائير عبدالرحمٰن عباس راهاما کي گولي هڻي قتل ڪيو ويو، جڏهن هو خرطوم، سوڊان ۾ نيو ايير ائيو جي تقريب کان موٽندي گهر وڃي رهيا هئا. ٻن گروپن عليحده عليحده قتل جي ذميداري جي دعويٰ ڪئي: هاڻي ناڪاره بڻيل القائده ان دا لينڊز آف دا ٽو نائلز (اي ڪيو ٽي اين) ۽ انصار التوحيد (وحدانيت جا حامي).پنجن ماڻهن تي مقدمو هليو ۽ سوڊاني قانوني نظام

انهن کي قتل ۾ ملوث هجڻ جي ڪري ڏوهاري ٺهرايو. عبدالرئوف ابو زيد محمد حمزه، محمد مڪاوي ابراهيم محمد، عبدالباسط الحاج الحسن حاج حماد، ۽ محاند عثمان يوسف محمد کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي، پر پنهنجي سزايابي کان هڪ سال پوءِ ئي جيل مان فرار ٿي ويا. محاند خبر مطابق مئي 2011 ۾ سوماليه ۾ مري ويو. عبدالرئوف سوڊاني حڪام هٿان ٻيهر پڪتو ويو. مڪاوي ۽ عبدالباسط اڃان آزاد گهمي رهيا آهن.

عبدالرحمٰن عباس راهاما، 39، جبه، سوڊان ۾ پيدا ٿيو. هن يو ايس ايڊ ۾ پنهنجي ڪيرئير جي شروعات 2004 ۾ ڪئي هو دارفور، سوڊان ۾ يو ايس ايڊ ڊزاسٽر اسسٽنس ريسپانس ٽيم ۾ هڪ اوريجنل ميمبر طور شامل هو. هن کي نومبر 2005 ۾ خرطوم ۾ يو ايس ايڊ/سوڊان مشن لاءِ ڊرائيور طور کنيو ويو هو.

جان گرانول، 33، بفيلو، نيو يارڪ کان هيو. هو يوايس ايڊ لاءِ سوڊان ۾ گورننس ۽ جمهوري پروگرامن ۾ ٽن سالن کان ڪم ڪري رهيو هو، هن ڏاکڻين سوڊان ۾ هزارين شمسي توانائي تي هلندڙ ريڊيو ورهايا، هي علائقو جنگ جي ڪري ٻن ڏهاڪن کان دنيا کان ڪٽيل آهي، تاڪه شهرين کي پنهنجي حقوق کا آگاھ ڪيو وڃي ۽ اليڪشن ۾ تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي وڃي. گرانول ڪيميرون ۾ پيس ڪاپس والنٽيئر ۾ 1997 کان 1999 تائين پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ فلبرائٽ فيلوشپ حاصل ڪئي ان کانپوءِ ڪيميرون

متاثرين

جا فوٽو جان گرانول
جان گرانول
جا فوٽو عبدالرحمٰن عباس راهاما
عبدالرحمٰن عباس راهاما