گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

فاروق السُوري

5 ملين ڊالر تائين

فاروق السوري، دهشتگرد تنظيم حراس الدين جو اڳواڻ آهي. السُوري، القاعده جو پراڻو ميمبر ۽ ڪيئي ڏهاڪن کان دهشتگرد تنظيم ۾ سرگرم رهيو آهي. 1990 جي ڏهاڪي ۾ هي، القاعده جي افغانستان ۾ سينئر اڳواڻ سيف العدل سان گڏ نيم فوجي دستن کي تربيت ڏيندڙ اهم اڳواڻ هو ۽ 2003 کان 2005 تائين عراق ۾ ويڙهاڪن کي تربيت ڏيندو رهيو. السوري کي اڳ ۾ 2009 کان 2013 تائين لبنان ۾ نظربند ڪيو ويو هو . بعد ۾ هو النصره محاذ جو فوجي ڪمانڊر بنجي ويو. 2016 ۾ هو النصره محاذ کي ڇڏي ويو هو.

10 سيپٽيمبر 2019 ۾ دفتر خارجه السوري کي ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224 تحت خصوصي طور نامزد ڪيل دهشتگرد قرار ڏنو.

حراس الدين القاعده سان منسلڪ گروپ آهي جيڪو 2018 جي شروعات ۾، حيات تحرير الشام جي مخلتف گروپن ۾ ورهائجي وڃڻ بعد، شام ۾ نمودار ٿيو. السوري سميت حراس الدين جا اڳواڻ، القاعده رهنما ائمن الزواهري جا وفادار رهيا آهن.

سندس وڌيڪ ڦوٽو

فاروق السُوري
Salman Raouf Salman - Spanish