گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

فقير بن عبدالعزيز بوسوره

5 ملين ڊالر تائين

فقير بوسوره، جيڪو ابو يوسف ال ٽيونسي نه چورائي ٿو، ۽ بنيادي اسلامي انتهاپسندي سان ڳانڍاپن وارو هڪ ٽيونسي قوميت رکندڙ آهي. هي اعلانيل خودڪش شهيد جي ارادي سان هڪ ڪارگر القائده جو تربيت يافته آهي. بوسوره ٽيونسي دهشتگرد عبدالرئوف جدي جو ساٿي آهي، ۽ ٿي سگهي ٿو ٻئي ماضي ۾ گڏ سفر ڪري چڪا آهن.

بوسوره 1988 فرانس ۾ رهڻ لاءِ ۾ پنهنجو اباڻو ٽيونيشيا ڇڏيو . 1991 ۾ هن فرانس ڇڏيو ۽ڪئنيڊا کان ٽيونيشيا ڏانهن اڪثر ڪري اچڻ ۽ وڃ جو سفر ڪري .1990 ۾ مونٽريئل، ڪئنيڊا ڏانهن هجرت ڪئي. بوسوره 1999 ۾ ڪئنيڊا جي شهرين حاصل ڪئي ۽ جڏهن ڪئنيڊا ۾ هو ته مونٽريئل ۾ اسنّا مسجد ۾ ويندو هو.

1999 ۾ بوسوره ڪئنيڊا ڇڏيو ۽ ٿي سگهي ٿو ته 2000 – 1999 جي دوران افغانستان ڏانهن هڪ کان وڌيڪ ڀيرا سفر ڪيو هجيس. جڏهن هي افغانستان ۾ هو ته القائده کان تربيت حاصل ڪيائين، ۽ ان کان پوءِ ڪئنيڊا ڏانهن واپس آيو.

ارباب اختيار فڪرمند رهن ٿا ته بوسوره دهشتگرد حملن جو منصوبو ٺاهڻ لاءِ يا نهن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڪئنيڊا يا گڏيل قومن ڏانهن واپس اچڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو. هي سخت بيماري ۾ مبتلا ٿي سگهي ٿو ۽ تمام خراب صحت سان، جنهن جي ڪري وزن ۾ گهٽتائي ۽ بدليل جسماني شڪل ٿي سگهيس ٿي.