دهشت جا عمل
...کے بارے میں معلومات

ڊينيئل پرل جو اغوا ۽ قتل

ڪراچي، پاڪستان | 23 جنوري، 2002

23 جنوري 2002 تي، ڊينيل پرل پاڪستان جي شهر ڪراچي مان اغوا ڪيو ويو. پرل وال اسٽريٽ جرنل جو هڪ صحافي هيو، ۽ هو هڪ شو ـ بامبر رچرڊ ريڊ جي ڪهاڻي تي ڪم ڪري رهيو هو، جنهن محض هڪ مهينو اڳ ۾ اوقيانوس ـ پارويندڙ جهاز ۾ بم ڦاڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.

21 فيبروري 2002 تي، انٽرنيٽ تي هڪ ويڊيو ڏيکاري وئي جنهن ۾ ڊينيل پرل کي قتل ڪندي ڏيکاريو ويو. پرل جا باقيات مئي مهيني ۾ لڌا ويا ۽ آمريڪا کي واپس ڪيا ويا.

هڪ مهيني کانپوءِ احمد عمر سعيد شيخ ۽ ٽن ٻين مشڪوڪ جوابدارن تي پرل کي اغوا ۽ قتل ڪرڻ جي ڏوھ ۾ الزام لڳايو ويو. 15 جولاءِ 2002 تي اهي پاڪستان ۾ ڏوهي قرار ڏنا ويا، ۽ شيخ کي موت جي سزا ٻڌائي وئي.

انصاف لاءِ انعامن وارو پروگرام ان معلومات جي لاءِ 5 ڊالر تائين انعام آڇي رهيو آهي جيڪا هن حملي لاءِ ذميوارن کي انصاف ڏياري ٿي.