دهشت جا عمل
...کے بارے میں معلومات

سياحن تي حملو

بنڊي پارڪ، يوگينڊا | 1 مارچ، 1999

پهرين مارچ 1999 تي، يوگنڊا ۾ انتيراهموي جي 100 سپاهين بوِندي امپينيٽريبل نيشنل پارڪ تي غير مصلح سياحن ۽ انهن جي گائيڊ (رهبرن) تي حملو ڪيو. انتيراهموي هڪ نيم فوجي تنظيم آهي جنهن کي هوتو جي ڪجھ نوجوانن ٺاهيو. هنن 1994 ۾ تُتسيس جي خلاف روانڊا ۾ نسل ڪشي واري عمل کي سرانجام ڏنوهو.

بوندي پارڪ حملي ۾، ڪيترن ئي ساحن کي حراسان ڪيو ويو، باندي بڻايو ويو، ۽ انهن کي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو طرف هلڻ لاءِ جبرن زور ڀريو ويو. هڪ يوگنڊن همراه، پال روس واگابا کي زنده جلايو ويو. اٺھ ٻين متاثرين کي ڪُٽي ڪُٽي ماري ڇڏيو، جنهن ۾ آمريڪي سوسن ملر ۽ رابرٽ هوبنر به شامل هئا.

حملي جي دوران ساحن جو گهڻوئي سامان چورائجي ويو، جنهن ۾ يو ايس پاسپورٽ، يو ايس ڊراويئنگ لائسنس، ليڊيز سٽيزن ڊاءِ گهڙي، ۽ توشيبا پورٽوگو ليپٽاپ ڪمپيوٽر شامل آهن.

انصاف لاءِ انعامن وارو پروگرام ان معلومات جي لاءِ 5 ڊالر تائين انعام آڇي رهيو آهي جيڪا هن حملي لاءِ ذميوارن کي انصاف ڏياري ٿي.