دهشت جا عمل
...کے بارے میں معلومات

لبيا جي شهر بينگازي ۾ آمريڪا جي هڪ خاص مشن ڪمپائونڊ تي دهشتگردن جو حملو ۽ ان تي قبضو.

لبيا جي شهر بينگازي ۾.|سيپٽمبر 11-12, 2012

11 ۽ 12 سيپٽمبر 2012 تي، بينگازي، لبيا ۾ هڪ خاص آمريڪي مشن ڪمائونڊ تي دهشتگردن جي حملي ۽ ان تي قبضي ڪرڻ ۾ چار آمريڪي مارجي ويا، جن ۾ لبيا لاءِ آمريڪي سفير جان ڪرسٽوفر اسٽيونس، فارين سروس انفارميشن آفيسر شان سمٿ، حفاظتي سڪيورٽي اسپيشلسٽ گلين انٿوني ۽ ٽائرون سنوڊين ووڊز شامل هئا. ان کان علاوه بينگازي ۾ آمريڪا جي ٻن سهولت گهرن، ۽ انهن ملازمين تي جيڪي ان ٻن سهولت گهرن جي وچ واري رستي تي سفر ڪري رهيا هئا، تي آتش زده مادي، مشين گن، آر پي جيز ۽ مورٽر جهيڙن هٿيارن سان مسلسل حملا ڪيا ويا. حملن ۾ ٻه آمريڪي ملازم ۽ ٽي لبيا جا ڪانٽريڪٽ گارڊز سخت زخمي ٿي پيا، ۽ نتيجي ۾ ٻئي سهولت گهر تباه ٿي ويا ۽ انهن سهولت گهرن تان دست بردار ٿيڻو پيو.

انصاف لاءِ انعامن وارو پروگرام ان معلومات جي لاءِ 10 ڊالر تائين انعام آڇي رهيو آهي جيڪا هن حملي لاءِ ذميوارن کي انصاف ڏياري ٿي.

سفير جان ڪرسٽوفر اسٽيونس، 52 ساله، اترين ڪيليفورنيا ۾ پيدا ٿيا، ۽ پاڻ فارين سروس ۾ پنهنجو ڪيريئر 1991 ۾ شروع ڪيو هو. سفير اسٽيونس ڪيترن ئي سمنڊپار اسائنمينٽس تي ڪم ڪيو ۽ لبيا ۾ 2007 کان 2009 تائين ڊپٽي چيف آف مشن جي عهدي تي فائز رهيا. سفير اسٽيونس مارچ 2011 کان نومبر 2011 تائين لبيا جي عبوري قومي ڪائونسل ۾ هڪ خاص نمائندي جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون، ۽ مئي 2012 ۾ تريپولي ۾ لبيا لاءِ آمريڪي سفير جي حيثيت سان پهتا. فارين سروس ۾ شامل ٿيڻ کان پهريان، سفير اسٽيونس واشنگنٽن ڊي سي ۾ بين الاقوامي تجارت جا وڪيل هئا، ۽ ان کان پهريان، مراڪش ۾ 1983 کان 1985 تائين پيس ڪور ۾ رضاڪار جي حيثيت سان انگريزي سيکاريندا هئا. وزيرِ خارجه هليري روڌم ڪلنٽن هنن الفاظن سان سفير اسٽونس جي قدر افزائي ڪئي ته ”هو هڪ بهادر، سٺو ماڻهون، اعليٰ درجي جو ڊپلوميٽ ۽ آمريڪي هيرو آهي.“

شان سمٿ، 34 سالن جو، سين ڊييگو، ڪيليفورنيا ۾ پيدا ٿيو، ۽ 1995 ۾ ائيرفورس ۾ ڀرتي ٿي زميني ريڊيو جي سارسنڀال جي ماهر طور ۽ اسٽاف سرجنٽ جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائون. شان سمٿ 2002 ۾ فارين سروس ۾ شامل ٿيو ۽ انفارميشن مينيجمينٽ آفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪندي ڪيترن ئي سمنڊپار اسائنمينٽس تي ڪم ڪيائون، جن ۾ بغداد، پريٽوريا، مونٽريال ۽ هيگ شامل آهن. سمٿ آمريڪا جي اسپيشل مشن کي مواصلاتي ۽ انتظامي مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ سيپٽمبر 2012 تي بينگازي، لبيا طرف سفر ڪيو.

گلين انٿوني ڊوهرٽي، 42 سالن جو، ونچيسٽر، ميساچوسيٽس ۾ پيدا ٿيو، ۽ بحري فوج سيل ۾ 1995 ۾ ڀرتي ٿيو، گلين سمٿ پنهنجي ڪيرئير جي دوران ٻنهي جڳهن عراق ۽ افغانستان ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائون. بحري فوج ۾ شامل ٿيڻ کان پهريان ڊوهرٽي پيشه ور اسڪي انسٽرڪٽر طور تي ڪم ڪيو، ۽ فلائٽ اسڪول ۾ شريڪ ٿيو، ۽ هو هڪ تجريڪار پيراميڊڪ ۽ فلائٽ ٽرينر هو. 2005 ۾ ڊوهرٽي هڪ نجي فرم شروع ڪئي جنهن ۾ هو سمنڊپار آمريڪي اهلڪارن کي سيڪيورٽي مهيا ڪندا هئا. ڊوهرٽي آمريڪي اسپيشل مشن کي سيڪيورٽي مهيا ڪرڻ جي لاءِ سيپٽمبر 2012 تي بينگازي، لبيا طرف سفر ڪيو.

ٽائرون سنوڊين ووڊز، 41 سالن جو هو، ۽ پورٽلينڊ، اوريگون ۾ پيدا ٿيو. انهن بحري فوج سيل لاءِ ويه سالن جو خدمتون سرانجام ڏنائون، ۽ سوماليه، عراق ۽ افغانستان جا ڪيترائي دورا ڪيائون. ووڊز هڪ رجسٽرڊ نرس ۽ سرٽيفيڪيٽ يافته پيراميڊڪ به هو. 2010 ۾ هڪ نجي سيڪيورٽي ڪانٽريڪٽر جي ذريعي ووڊز سمنڊپار آمريڪي اهلڪارن لاءِ سيڪيورٽي مهيا ڪرڻ شروع ڪئي هئي. ووڊز آمريڪي اسپيشل مشن کي سيڪيورٽي مهيا ڪرڻ جي لاءِ سيپٽمبر 2012 تي بينگازي، لبيا طرف سفر ڪيوهو.

متاثرين

جا فوٽو جان ڪرسٽوفر اسٽيونس
جان ڪرسٽوفر اسٽيونس
جا فوٽو شان سمٿ
شان سمٿ
جا فوٽو گلين انٿوني ڊوهرٽي
گلين انٿوني ڊوهرٽي
جا فوٽو ٽائرون سنوڊين ووڊز
ٽائرون سنوڊين ووڊز