گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

ايمن ال زواهري

25 ملين ڊالر تائين

ايمن الظواہري القاعدہ دھشت گروپ جو موجوده اڳواڻ ۽ مصري اسلامي جھاد جو اڳوڻو اڳواڻ آھي. ھن کي ۷ آگسٽ ۱۹۹۸ع ۾ ڪينيا ۽ تنزانيا ۾ موجود آمريڪي سفارت خانن تي بمباريءَ ۾ سندس ڪردار تي آمريڪا ۾ ملزم قرار ڏنو ويو ھو. انھن حملن ۾ ۲۲۴ شھري قتل ۽ ٻيا ۵۰۰۰ کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا ھئا.

اساما بن لادن ۽ القاعده جي ٻين وڏن ممبرن سان گڏ الظواھري لاءِ به چيو وڃي ٿو ته اھو به ۱۲ آڪٽوبر ۲۰۰۰ع ۾ يمن ۾ يو ايس ايس ڪول تي حملن جي سازش شريڪ ھو، جنھن ۾ ۱۷ آمريڪي بحري فوجي قتل ۽ ٻيا ۳۹ زخمي ٿيا ۽ انھيءَ ۱۱ سيپٽمبر ۲۰۰۱ع جي حملن جي منصوبه بنديءَ ۾ به مدد مدد ڪئي جنھن ۾ القاعده جي ۱۹ دھشت گردن چئن آمريڪي ڪاروباري ھوائي جھازن کي اغوا ڪري ٽڪرايو – ٻن جھازن کي نيو يارڪ شھر ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر سان، ھڪڙو واشنگٽن ڊي. سي جي ڀرسان پينٽاگون سان ۽ چوٿون شنڪس وِل، پينسلوانيا جي ھڪڙي ميداني علاقي ۾ – جنھن ۾ اٽڪل ۳۰۰۰ ماڻھو مري ويا.

الظواھري اڄڪلھ وڏي پئماني تي وڏن اڳواڻن جي ھڪڙي ننڍڙي پر مؤثر گروپ جي اڳواڻي ڪري پيو جنھن کي القاعده ڪَورَي سڏيو وڃي ٿو، انھيءَ گروپ جو رابطو گذريل ڪجھ سالن ۾، افغانستان ۽ پاڪستان ۾ دھشت گرديءَ جي مخالفت ۾ دٻاؤ جي ڪري قيادت ختم ٿيڻ سبب ۽ ٻين ادارن جھڙوڪ اسلامڪ اسٽيٽ آف عراق اينڊ دي ليوينٽ (آئي ايس آئي ايل) جي اڀرڻ سبب ڪمزور ٿي ويو آھي، جيڪا حڪومت کان ناراض شدت پسندن لاءِ متبادل طور ڪم ڪري رھي آھي. ان جي باوجود، القاعده ۽ ڏکڻ ايشيا، آفريڪا ۽ مڊل ايسٽ ۾ موجود سندس حمايتي ھڪڙي اھڙي تنظيم طور موجود آھن جيڪا آمريڪا ۾ ۽ ٻين ملڪن ۾ آمريڪي مفادن تي حملا ڪرڻ لاءِ تيار آھن.

الظواھري لڳاتار پيغامَ ريڪارڊ ڪرائي ھلائي رھيو آھي، جيتوڻيڪ القاعدہ گذريل ڪجھ سالن ۾ متعدد ناڪام منصوبا جوڙيا، جيڪي آمريڪا ۽ يورپ جي خلاف ھئا. انھيءَ مان القاعده جي اھا صلاحيت ظاھر ٿئي ٿي ته اھا لڳاتار دھشتگردي مخالف دٻاؤ ھجڻ جي باوجود ڪجھ حملن جي تياري ڪري رھي آھي ۽ ٿي سگھي ٿو ته اھا منصوبه بندي آمريڪا جي خلاف سندس ملڪ ۾ يا ٻاھرين ملڪن ۾ اضافي حملن جي ھجي.