المولا، جيڪو حاجي عبدالله جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو، مجموعي طور تي ISIS جو اڳواڻ آهي. هو ISIS جي اڳوڻي تنظيم، عراق جي القائده، ۾ وڏو دهشتگرد اڳواڻ هو، ۽ مستحڪم طور تي عهدن مان اڪري ISIS ڊپٽي اڳواڻ طور هڪ وڏي اڳواڻي ورتائين.
ISIS جي تمام وڏن نظرياتي شخصن مان هوندي، المولا اتر اولھ عراق ۾ يزيدي مذهبي اقليت جي اغوا، قتل، ۽ سمگل کي آڻڻ ۽ ان کي درست ثابت ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ گروپ جي ڪجھه عالمي دهشتگرد آپريشنن جي به اڳواڻي ڪئي.
آمريڪي فوجي آپريشن دوران اڳوڻي ISIS اڳواڻ ابوبڪر البغدادي جي آڪٽوبر 2019 ۾ موت کان پوءِ المولا ISIS جو اڳواڻ بڻيو.
ISIS، جيڪو داعش جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو، جون 2014 ۾ البغدادي کي ”خليفي“ جو لقب ڏنو هو، جڏهن ان جي فوجن شام ۽ عراق جي ڪجھه حصن تي قبضو ڪيو ۽ نام نهاد اسلامي ”خلافت“ جو اعلان ڪيو. حاليه سالن ۾، سڄي دنيا ۾ حملن کي همٿائڻ لاءِ، ISIS سڄي دنيا ۾ جهادي گروپن ۽ شدت پسندن فردن جي بيعت حاصل ڪري چڪو آهي.
هي اعزاز سڄي دنيا ۾ ISIS ۽ ان جي شاخن ۽ نيٽورڪ خلاف اسان جي جنگ ۾ اهم لمحو آهي. جيئن ئي ISIS کي جنگ جي ميدان ۾ شڪست ٿئي ٿي، ته اسان گروپ جو اڳواڻ سڃاڻڻ ۽ ڳولهڻ لاءِ پرعزم آهيون ته جيئن انهن قومن جو عالمي اتحاد ISIS جي باقيات کي تباھ ڪرڻ کي جاري رکي سگهي ۽ ان جي عالمي مقصدن کي ناڪام بڻائي سگهي جيڪي ISIS کي شڪست ڏيڻ لاءِ وڙهي رهيون آهن.