گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

ابوبڪر شيڪا

ـ 7 ملين ڊالر کا مٿي جو انعام

ابوبڪر شيڪا جماعت الاهل السُناهل دعوتِ الجهاد جو اڳواڻ آهي، جنهن تنظيم کي عام طور تي بوڪو حرم جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. بوڪو حرم جنهن جي معنيٰ آهي مغربي تعليم منع آهي، هڪ نائجيريا جي دهشتگرد تنظيم آهي جنهن جو مقصد موجوده نائيجيرين حڪومت جو خاتمو ڪري ۽ هڪ اهڙو حڪومتي نظام قائم ڪرڻ آهي جيڪو اسلامي قانون تي مبني هجي. 1990 کان هي گروپ مختلف شڪلن ۾ موجود رهيو آهي. بوڪو حرم جا القائده ان دا لينڊس آف اسلامڪ مغرب (اَي ڪيو آءِ ايم)، الشباب، ۽ القائده سان عربي اُپٻيٽ ۾ ڳالھ ٻولھ، ٽريننگ ۽ هٿيارن جي حوالي سان گهرا لاڳاپا آهن، جيڪا بوڪو حرم کي دهشتگرد حملن ڪرڻ ۾ اڃا وڌيڪ مضبوط ڪري سگھي ٿي.

شيڪا گروپ جو پهريان سيڪنڊ ان ڪمانڊ هيو. جولاءِ 2010 ۾، شيڪا کلي عام بوڪو حرم جي اڳواڻ هئڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ نائيجيريا ۾ مغربي مفادات کي نقصان پهنچائڻ جي ڌمڪي ڏني. ان مهيني کانپوءِ شيڪا هڪ ٻيو بيان ڏنو جنهن ۾ القائده سان پختگي ۽ يونائٽيڊ اسٽيٽس کي ڌمڪايو ويو. شيڪا جي اڳواڻي ۾، بوڪو حرم جون عملياتي صلاحيتون وڌي ويون آهن.

هن گروپ پنهنجو پهريون گاڏي ۾ نصب بم امرووائزڊ ايڪسپلوزِو ڊيوائس (آءِ اِي ڊي) جو استعمال جون 2011 ۾ ڪيو، ۽ تڏهن کان پنهنجن ننڍن حملن ۾ آءِ اِي ڊي جي استعمال کي وڌايندو ٿو اچي. بوڪو حرم 26 آگسٽ 2011 تي ابوجا، نائيجيريا ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر تي گاڏي _ بم حملو ڪري مغربي مفادات جي خلاف پنهجي پهرين مهلڪ آپريشن جي شروعات ڪئي. حملي ۾ 23 ڄڻا مارجي ويا ءِ 80 کا مٿي زخمي ٿيا. بوڪو حرم جي ظاهر ڪيل ترجمان حملي جي ذميداري قبول ڪئي ۽ مستقبل ۾ يو ايس ۽ نائيجيريا حڪومت تي حملن جو واعدو ڪيو.

مئي 2012 تي، ابوجا ۾ نائجيريا اخبار جي بلڊنگ تي بم حملي کانپوءِ، هفتي جي اندر بوڪو حرم هڪ ويڊيو بيان جاري ڪيو جنهن ۾ مقامي ۽ بين الاقوامي خبرُن جي دڪانن تي وڌيڪ حملا ڪرڻ لاءِ ڌمڪايو ويو، جن ۾ وائس آف آمريڪا ۽ سهارا رپورٽرس، هڪ نيو يارڪ بيسڊ ميڊيا سروس به شامل آهي.

شيڪا جي اڳواڻي هيٺ بوڪو حرم مسلسل ننڍن ٻارن کي پنهنجو نشانو بڻائيندو رهيو آهي. 14 اپريل، 2014 تي اترين نائيجيريا جي هڪ اسڪول مان بوڪو حرم تقريبا 300 ڇوڪرين کي اغوا ڪيو. ٽن هفتن کانپوءِ پنهنجي هڪ ويڊيو ميسيج جي ذريعي، شيڪا اغوا جي ذميداري قبول ڪئي، ۽ ڇوڪرين کي غلام ٺهرائيندي انهن کي مارڪيٽ ۾ فروخت ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني.

جون 2012 تي، يو ايس ڊپارٽمينٽ آف اسٽيٽ شيڪا کي ايگزيڪٽو آرڊر 13224 تحت اسپيشل ڊيزگنيٽيڊ گلوبل ٽيررسٽ نامزد ڪيو.