گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

عدنان ابو وليد الصحاروي

5 ملين ڊالر تائين

عدنان ابو وليد الصحاروي (ابو وليد) نامزد ٿيل پرڏيهي دهشتگرد تنظيم (ايف ٽي او) آئسِس جوگريٽر صحارا ۾ اڳواڻ آهي (جنهن کي آئسس- جِي ايس) طور به سڃاتو وڃي ٿو. آئسس-جِي ايس تڏهن اڀري جڏهن ابو وليد ۽ سندس پوئلڳ القائده کان ٽٽندڙ گروپ المرابطون کان ڌار ٿيا.

ابو وليد مئي 2015 ۾ پهرين پنهنجي گروپ طرفان آئسس سان وفاداري جو اعلان ڪيو هو ۽ آڪٽوبر 2016 ۾ آئسس هن جي اطاعت کي تسليم ڪيو. مالي-نائيجيريا جي سرحد سان لڳولڳ مالي ۾ پنهنجو ڳڙھ هوندي، آئسس- جي ايس، ابو وليد جي اڳواڻ ۾ ڪيترن ئي حملن جي ذميواري قبول ڪئي آهي، جن ۾ 4 آڪٽوبر 2017 ۾، مالي سرحد ڀرسان نائيجيريا جي ٽونگو ٽونگو واري علائقي ۾ آمريڪي ۽ نائيجيريائي گڏيل گشتي ٽيم تي حملو شامل آهي جنهن جي نتيجي ۾ چار آمريڪي ۽ چار نائيجيريائي فوجي مارجي ويا هئا.

آمريڪي حڪومت جي رياستي معاملن جي کاتي، ايگزيڪيٽو حڪمنامي 13224 جي پوئيواري ڪندي، اميگريشن نئشنلٽي ايڪٽ جي سيڪشن 219 تحت، پرڏيهي دهشتگرد تنظيم (ايف ٽي او) طور، ابو وليد ۽ آئسس- جي ايس کي 16 مئي 2018 ۾، خاص طور نامزد ڪيل عالمي دهشتگرد قرار ڏنو آهي،

سندس وڌيڪ ڦوٽو

عدنان ابو وليد الصحاروي
عدنان ابو وليد الصحاروي
عدنان ابو وليد الصحاروي
عدنان ابو وليد الصحاروي
عدنان ابو وليد الصحاروي
عدنان ابو وليد الصحاروي