گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

ابو بڪر البغدادي (Abu Bakr al-Baghdadi)

25 ملين ڊالر تائين

ابوبڪر البغدادي، ابو دعا جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، ابراھيم، اواد ابراھيم، علي البدري نالي سان پڻ مشھور آھي، اھو دھشت گرد تنظيم اسلامڪ اسٽيٽ آف عراق اينڊ ليوينٽ (آئي ايس آئي ايل) جو وڏو اڳواڻ آھي. ۲۰۱۱ع ۾ البغداديءَ جو ڏس پتو ٻڌائڻ، گرفتار ڪرائڻ، يا سزا ڏيارڻ تي ڊپارٽمنٽ آف اسٽيٽ پاران ۱۰ ملين آمريڪي ڊالر ابتدائي انعام رکڻ جي ڪري البغداديءَ کي خطرو اڃا وڌي ويو آھي. جون ۲۰۱۴ع ۾آئي ايس آئي ايل (جيڪا داعش جي نالي سان پڻ مشھور آھي) شام ۽ عراق جي ڪجھ حصن تي ڪنٽرول ڪري ورتو، انھن اسلامي خلافتي نظام رائج ڪيو، ۽ البغداديءَ کي خليفي جو نالو ڏنو ويو. ھاڻوڪن سالن ۾، آئي ايس آئي ايل سڄي دنيا ۾ موجود جھادي گروپن ۽ شدت پسند ماڻھن جونوفاداريون حاصل ڪري ورتيون آھن، ۽ آمريڪا تي حملا ڪرڻ تي کين راضي ڪري ورتو آھي.

البغداديءَ جي اڳواڻيءَ ۾، آئي ايس آئي ايل مشرق وسطيٰ ۾ ھزارين عام شھرين جي موت جي ذميوار آھي، جن ۾ آمريڪا، برطانيه ۽ جاپان جي ڪيترن ئي عام شھري يرغمالين جو قتل پڻ شامل آھي. ۲۰۱۱ع کان عراق ۾ دھشت گرديءَ جي ڪيترن ئي حملن ۽ سندس ئي ھزارين عام ھم شھرين جي قتل جو اعزاز پڻ البغدادي حاصل ڪيو آھي. انھيءَ گروپ پنھنجي پاران اعلانيل خلافت جي سرحدن کان ٻاھر به دھشت گرد حملا ڪرايا آھن. نومبر ۲۰۱۵ع ۾، بيروت ۾ آئي ايس آئي ايل جي ٻن خودڪش حملن ۾ ۴۳ ماڻھو ھلاڪ ۽ ۲۳۹ ماڻھو زخمي ٿيا. انھيءَ ساڳي مھيني ۾، آئي ايس آئي ايل پيرس ۾ ست لڳاتار حملا ڪرايا – جنھن ۾ گھٽ ۾ گھٽ ۱۳۰ ماڻھو ھلاڪ ۽ ۳۵۰ کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿيا. مارچ ۲۰۱۶ع ۾، آئي ايس آئي ايل دھشت گردن برسلز ۾ گھٽ ۾ گھٽ ۳۴ ماڻھن کي قتل ڪيو – جن ۾ چار آمريڪي شھري پڻ شامل ھئا – ۽ ۲۷۰ کان وڌيڪ ٻيا به زخمي ٿيا.

ڊپارٽمنٽ آف اسٽيٽ ايگزيڪيوٽو آرڊر 13224ھيٺ البغداديءَ کي ”خاص طور تي عالمي دھشتگرد طور مڃيل“ (SDGT) نامزد ڪيو آھي. ھي گڏيل قومن جي سلامتي ڪاؤنسل جي آئي ايس آئي ايل (داعش) ۽ القاعدہ سنڪشن ڪاميٽيءَ جي لسٽ ۾ پڻ شامل آھي.

سندس وڌيڪ ڦوٽو

Baghdadi Poster 1 - English
Photo of Abu Bakr al-Baghdadi