گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

ابو محمد الشمالي (Abu-Muhammad al-Shimali)

5 ملين ڊالر تائين

مها اسلامي عراق ۽ ليوانٽ (آئي ايس آئي ايل) جو سرحدي اڳواڻ تراد الجبره جيڪوبهتر نموني ابو محمد الشمالي ڄاتوطور وڃي ٿو سو 2005 کان آئي ايس آئي ايل جنهن کي پهريائين القائده چيو ويندو هئو سان وابسطه رهيو آهي. اهو هاڻي آئي ايس آئي ايل جي اميگريشن ۽ لاجسٽڪ ڪاميٽي جو ڪليدي ڪامورو آهي ۽ پرڏيهي ويڙهاڪن جي ابتدائي طور غازيان تيپ، ترڪي ۽ انکان اڳتي آئي ايس آئي ايل جي انتظام هيـٺ شام جي شهر جرابلس تائين سفري سهوليتون مهيا ڪري ڏيڻ جو جوابدار آهي. الشمالي ۽ اميگريشن ۽ لاجستڪ ڪاميٽي يورپ، اتر آفريڪا ۽ عربي پٽي کان شام ۽ عراق ۾ غير قانوني منتقلي جي سرگرمين، مالياتي منتقلي ۽ سامان جي نقل و حرڪت ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪن ٿا. 2014 ۾ الشمالي آسٽريليا، يورپ ۽ وچ اوڀر جي وڏن ويڙهاڪن کي ترڪي کان شام طرف سفر ۾ سهوليت مهيا ڪئي ۽ عزاز، شام ۾ نون رنگروٽن لاءِ آئي ايس آئي ايل ترڪيبي مرڪز جو انتظام ڪيو.

يونائيٽيڊ اسٽيتيس ۽ 60 کان وڌيڪ بين الاالقوامي شريڪن جو عالمي اتحاد آئي ايس آئي ايل جي حوصله شڪني ۽ آخر ۾ شڪست ڏيڻ لاءِ پر عزم آهي. انهي مقصد جي حصول لاءِ گهڻ رخي، باهمي مضبوط خطوطن تي استوار ڪوششن جي ضرورت آهي. ان اتحاد جي ڪاوشن مان پرڏيهي دهشتگرد ويڙهاڪن جي وهڪري کي ٻنجو ڏيڻ به هڪ آهي. اها اڳڀرائي، ملڪي سالميت، قانون جو نفاذ، انصاف جي خطي، جاسوسي، سفارتڪاري، فوجي، استعداد ڪاري ۽ معلومات جي شراڪت جي ڪوششن کي پاڻ ۾ ملائي ٿي.

100 ملڪن مان 25،000 کان وڌيڪ پرڏيهي ويڙهاڪن عراق ۽ شام طرف سفر ڪيو آهي. عراق ۽ شام جا جنگي محاذ پرڏيهي ويڙهاڪن کي جنگ لاءِ تجربو، هٿيار ۽ بارود جي تربيت، دهشتگرد نيٽ ورڪ کي مغرب کي حدف رکندي حملي جي منصوبي لاءِ رستو مهيا ڪري سگهي ٿو. مخلوط پرڏيهي ويڙهاڪن جي خطري يو ايس جي وفاقي ايجينسين ۽ بينالاقوامي اتحادين کي وڌيڪ تعاون لاءِ ويجهو آندو آهي جيڪي ويڙهاڪن جي وهڪري جي رڪاوٽ ۽ آخرڪار آئي ايس آئي ايل شڪست لاءِ سڀئي وسيلا ڪتب آڻيندي.