ايف اي ڪيو

  • ڇا توهان انصاف لاءِ انعامن (آر ايف جي) واري پروگرام جي متعلق ڪجه معلومات مهيا ڪري سگهو ٿا؟

    ڇا توهان انصاف لاءِ انعامن (آر ايف جي) واري پروگرام جي متعلق ڪجه معلومات مهيا ڪري سگهو ٿا؟

    • RFJ، آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ پاران بين الاقوامي دھشت گرديءَ کي روڪڻ واري 1984 ايڪٽ، عام قانون 98-533 (22 U.S.C. § 2708 ھيٺ ٺاھيو ويو)، ھيٺ دھشت گرديءَ خلاف انعامي پروگرام قائم ڪيو ويو ھو. ھي پروگرام اسٽيٽ ڊپارٽمنٽ جي بيورو آف ڊپلوميٽڪ سيڪيورٽي جي نگرانيءَ ھيٺ ڪم ڪري ٿو، RFJ جو ھدف بين الاقوامي دھشت گردن کي انصاف جي دائري ۾ آڻڻ ۽ آمريڪي ماڻھن ۽ جائيداد کي بين الاقوامي دھشت گرديءَ جي حملن کان بچائڻ آھي. ھن پروگرام ھيٺ، اسٽيٽ سيڪريٽري اھڙي ڄاڻ ڏيڻ تي انعام ڏيڻ جو مجاز آھي جيڪا ڪنھن اھڙي ماڻھوءَ جي گرفتاري يا سزايابيءَ جو ڏس ٻڌائي جيڪو آمريڪي ماڻھن يا جائيداد خلاف ڪا رٿابندي ڪري ٿو، ڪو عمل انجام ڏئي ٿو، ڪنھن ڪارروائيءَ ۾ مدد ڪري ٿو، يا بين الاقوامي دھشت گرديءَ جا ڪم ڪري ٿو. اھو اھڙن عملن کي شروعاتي جڳھن کان ئي روڪي ٿو، اھو بنيادي دھشت گرد اڳواڻ جي جاءِ يا سڃاڻ ۾ رھنمائي ڪري ٿو، يا اھو دھشتگرديءَ جي آمدنيءَ کي روڪي ٿو.

      آر ايف جي پنهنجي ويب سائٽ www.rewardsforjustice.net تي موجوده انعامن جي هڪ لسٽ جاري ڪري ٿو. گهڻيون آر ايف جي اعام جون آڇون 5 ملين ڊالر تائين آهن. تڏهن به، انعام جون آڇون 1 ملين ڊالر کان گهٽ کان وٺي 25 ملين ڊالر تائين وڃي سگهن ٿيون. اضافي طور، آر ايف جي انهن معاملن ۾ به انعام ڏئي سگهي ٿو جتي مناسب حالتن ۾، انعام جي پهريان ڪابه آڇ نه ٿي هجي.

      پنهنجي آغاز کان وٺي، آر ايف جي 100 ماڻهن کي ان معلومات لاءِ 150 ملين ڊالر کان وڌيڪ ادا ڪري چڪو آهي جنهن بين الاقوامي دهشتگردن جي حملن کي روڪيو يا انهن کي انصاف ۾ آڻ جي مدد ڪئي جيڪي اڳئين عملن ۾ شامل هئا.

  • آر ايف جي ڪيترو اثرائتو آهي؟

    آر ايف جي ڪيترو اثرائتو آهي؟

    • آر ايف جي پروگرام سان رابطي ۾، وسيلا اها معلومات مهيا ڪري چڪا آهن جنهن آمريڪا جي فائدن جي خلاف بين الاقوامي دهشتگردي جي عملن کي روڪڻ يا ان کي موافقي طور حل ڪرڻ ۽ دنيا جي ڪجھ بدنام دهشتگردن کي انصاف ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. اهي ڪوششون بيشمار معصوم زندگين کي بچائي چڪيون آهن.

      مثال طور، عراق ۾، ادي ۽ قسي حسين لاءِ انعام جي آڇن جي اعلان کان صرف 18 ڏينهن پوءِ، هڪ وسيلو اڳيان آيو ۽ انهن جي جڳھ جي متعلق معلومات مهيا ڪئي. هڪ ٻئي گهڻي پکڙيل ڪاميابي رمزي يوسف جو پڪڙجڻ آهي، جيڪو 1993 ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي بمبارن مان هڪ هو، جنهن جو پتو 1995 ۾ آر ايف جي انعام جي آڇ جي ورندي ۾ هڪ وسيلي جي مهيا ڪندڙ معلومات جي نتيجي ۾ لڳايو ويو.

  • توهان انعام جي آڇن جو اشتهار ڪيئن ڏيو ٿا؟

    توهان انعام جي آڇن جو اشتهار ڪيئن ڏيو ٿا؟

    • آر ايف جي جِي ويب ويب سائٽ ۾ اضافي طور، اسين پوسٽر، ميچ بڪ، ريڊيو ۽ اخبارن ۾ ادائيگي تي اشتهار، انٽرنيٽ، ۽ ٻيا ڪي به مناسب رستا استعمال ڪندا آهيون جيڪي آمريڪا جي خلاف دهشتگرد حملن ۾ ذميوار ماڻهن کي انصاف ۾ آڻڻ ۾ مدد ڪري سگهن.

  • انعام جي ادائيگين جي متعلق توهان ڪهڙي معلومات ظاهر ڪريو ٿا؟

    انعام جي ادائيگين جي متعلق توهان ڪهڙي معلومات ظاهر ڪريو ٿا؟

    • هن پروگرام جو هڪ اهم پاسو اهو آهي جو اسين پڪ ڪندا آهيون ته اسان جي انعام واري مهم جون ورنديون سختي سان راز ۾ رکيون وڃن. اڃا به وڌيڪ ضروري هي آهي ته، اسين انهن ماڻهن جا نالا ظاهر نه ڪندا آهيون جيڪي هڪ انعام جي ادائيگي وصول ڪن ٿا، ۽ اڪثر ڪري اسين اعلانيه اهو به ظاهر نه ڪندا آهيون ته هڪ انعام ڏنو ويو آهي. ڪجھ وڏن معاملن ۾، اسين انعام جي ادائيگي جو اعلان ڪنداسين، پرمعلومات مهيا نه ڪئي ويندي.

  • ڇا توهان مخصوص انعام جي ادائيگين تي ڪجھ تفصيلون مهيا ڪري سگهو ٿا؟

    ڇا توهان مخصوص انعام جي ادائيگين تي ڪجھ تفصيلون مهيا ڪري سگهو ٿا؟

    • اڄ تائين وڌ کان وڌ ادائيگي 30 ملين ڊالر هئي جيڪا هڪ ماڻهو کي ڏني وئي جنهن ادي ۽ قسي حسين تي مشتمل معلومات مهيا ڪئي.

      فلپائن ۾ چار اعلانيه آر ايف جي انعام جون تقريبون ٿيون آهن. سڀ کان تازي 7 جون 2007 تي ٿي، جڏهن ته تقريب ۾ انعام جي ڪل رقم 10 ملين ڊالر هئي. جڏهن کان هي پروگرام شروع ٿيو فلپائن ۾ هي انعام جي ادائيگي سڀ کان وڌيڪ آر ايف جي جِي ادائيگي آهي.

  • آهن جيڪڏهن توهان عام طور تي وضاحتون نه ٿا ڏيو ته اسين ڪيئن پڪ ڪري سگهون ٿا ته توهان اصل ۾ انعام ڏنا؟

    آهن جيڪڏهن توهان عام طور تي وضاحتون نه ٿا ڏيو ته اسين ڪيئن پڪ ڪري سگهون ٿا ته توهان اصل ۾ انعام ڏنا؟

    • جيئن بيان ڪيو ويو، آر ايف جي خاص موقعن تي وڏن انعامن جي ادائيگين بابت محدود اعلان ڪري ٿو. هڪ ادائيگي ٿيڻ کان پوءِ اسان ڪانگريس کي هڪ مخصوص رپورت پڻ مهيا ڪندا آهيون.

  • هڪ انعام جي اهليت لاءِ ڇا ٿو گهرجي؟ توهان ڪهڙي قسم جي معلومات ڳولهي رهيا آهي؟

    هڪ انعام جي اهليت لاءِ ڇا ٿو گهرجي؟ توهان ڪهڙي قسم جي معلومات ڳولهي رهيا آهي؟

    • جيڪو به قابلِ عمل معلومات مهيا ڪري ٿو جيڪا يا ته اسان کي دنيا ۾ ڪٿي به آمريڪا جي خلاف بين الاقوامي دهشتگردي جي عملن کي روڪڻ ۾ يا وري انهن کي موافقي طور حل ڪري ۾ مدد ڪندي اهو ضرور انعام جي اهل ٿي سگهي ٿو.

      مثال طور، جيڪڏهن، هڪ دهشتگرد آمريڪا جي ماڻهن ۽/يا ملڪيت جي خلاف حملن جي منصوبه بندي ۾ يا وري انهن جي تڪميل ۾ شامل آهي اهو وسيلي جي معيا ڪندڙ معلومات جي نتيجي ۾ گرفتار ڪيو وڃي ٿو يا مجرم قرار ڏنو وڃي ٿو، اهو وسيلو انعام جي اهل ٿي سگهي ٿو.

      اضافي طور، ڪو به ماڻهو بين الاقوامي دهشتگرد تنظيم جي اهم اڳواڻ جي سڃاڻپ يا ان جي جڳه جي معلومات سان گڏ اچي ٿو اهو انعام جي اهل ٿي سگهي ٿو. ان فرد يا تنظيم جي متعلق معلومات تي پڻ انعام ڏئي سگهجن ٿا جيڪا بين الاقوامي دهشتگردي جي عملن جي سرماياڪاري لاءِ يا هڪ دهشتگرد تنظيم جي دست گيري ڪرڻ لاءِ يا ان کي سهارو ڏيڻ لاءِ منشيات جي خريد ۽ فروخت ڪري رهي آهي.

      تڏهن به، هن پروگرام کي هلائيندڙ قانون جي مطابق، آمريڪا، رياست، لوڪل، ۽ ٻاهريان سرڪاري ملازم انعام جي اهل نه آهن جيڪڏهن اهي انهن جي سرڪاري نوڪرين تي مليل معلومات مهيا ڪن.

  • جيڪڏهن هڪ دهشتگرد تي معلومات مهيا ڪرڻ تي هڪ وسيلو هن جي زندگي کي خطري ۾ وجهي ٿو ۽ هن کي لڳي ٿو ته ان جي زندگي خطري ۾ آهي؟ ڇا آر ايف جي حفاظت مهيا ڪري سگهندي؟

    جيڪڏهن هڪ دهشتگرد تي معلومات مهيا ڪرڻ تي هڪ وسيلو هن جي زندگي کي خطري ۾ وجهي ٿو ۽ هن کي لڳي ٿو ته ان جي زندگي خطري ۾ آهي؟ ڇا آر ايف جي حفاظت مهيا ڪري سگهندي؟

    • جيئن مٿي ٻڌايو ويو، رازداري آر ايف جي پروگرام جو بنيادي پٿر آهي. آر ايف جي ان جي سڃاڻپ سختي سان راز ۾ رکي ٿو جيڪو انعام جي ورندي ۾ معلومات مهيا ڪري ٿو ۽/يا جيڪو هڪ انعام جي ادائيگي وصول ڪري ٿو. اضافي طو، وسيلي ۽ ان جي خاندان لاءِ منتقلي به دستياب ٿي سگهي ٿي، پراهي معاملا هر فرد جي حالتن کي ڏيان ۾ رکندي الڳ الڳ طئي ڪيا ويندا ويندا.

  • ماڻهن کي ادائيگي ڪيئن ڪئي وڃي ٿي؟

    ماڻهن کي ادائيگي ڪيئن ڪئي وڃي ٿي؟

    • هڪ انعام جي نامزدگي هر فرد جي حالتن کي ڏيان ۾ رکندي الڳ الڳ طئي ٿيندي. انعام ڏيڻ جو عمل هيٺئين طور ٿيندو:

      يا ته هڪ آمريڪي تفتيشي ايجنسي، جهڙوڪ بچاءَ جو ادارو يا ايف بي آئي، يا وري هڪ آمريڪي غير ملڪي سفارت خانو، پهريان هڪ شخص کي انعام لاءِ ضرور نامزد ڪري. ان کان پوءِ هڪ وساطتي ڪميٽي ڌيان سان معلومات جو جائزو وٺي ٿي. جيڪڏهن وساطتي انعام واري ڪميٽي يقين رکي ٿي ته هڪ فرد انعام لاءِ اهل آهي، ته اها سفارش ڪري ٿي ته رياست جو سيڪريٽري انعام جي منظوري ڏئي.

      تڏهن به، ڪميٽي جي سفارش واجب نه آهي. رياست جي سيڪريٽري کي ان جو امتياز حاصل آهي ته آيا اهو ڏنل انعام جو اختيار ڏئي يا نه ڏئي، ۽ هو قانون جي حدن جي اندر رهي، انعام جي رقم تبديل ڪري سگهي ٿو.

      جيڪڏهن جرم جي وفاقي عدالتي ڪارروائي معاملي ۾ آهي، ته سيڪريٽري انعام جي ادا ڪرڻ کان پهرين مختار جنرل جي منظوري جي درخواست ڪري ٿو.

  • انعام جي ادائيگي جي رقمن کي ڪيئن بيان ڪيو وڃي ٿو؟

    انعام جي ادائيگي جي رقمن کي ڪيئن بيان ڪيو وڃي ٿو؟

    • انعام جي ادائيگي جون رقمون ڪجه لازمي جزن تي مشتمل آهن، جنهن ۾ ڏنل دهشتگرد جي ڌمڪي، آمريڪي ماڻهن يا ملڪيت کي خطري يا زخم جي شدت، مهيا ڪندڙ معلومات جي اهميت، وسيلي ۽ ان جي خاندان کي درپيش خطرو، ۽ هڪ تفتيش يا مقابلي ۾ وسيلي جو تعاون شامل آهي، جيتوڻيڪ اهي جزا محدود نه آهن.

  • ڇا آر ايف جي ڪڏهن ڪنهن کي انصاف لاءِ انعامن واري فهرست مان ڪڍي چڪو آهي؟ جيڪڏهن ائين آهي، هن ڪنهن کي ۽ ڪڏهن؟

    ڇا آر ايف جي ڪڏهن ڪنهن کي انصاف لاءِ انعامن واري فهرست مان ڪڍي چڪو آهي؟ جيڪڏهن ائين آهي، هن ڪنهن کي ۽ ڪڏهن؟

    • ها، انصاف لاءِ انعامن وارو پروگرام پنهنجي فهرست مان ڪيترن ئي مشتبه ماڻهن کي ڪڍي چڪو آهي، جنهن ۾ بيت الله مهسود، بالي بمبار دلمتين، اسامه بن لادن، عطيه عبدالرحمان، ۽ فضل عبدالله محمد شامل آهن. مشتبه ڪيترن ئي سببن جي ڪري آر ايف جي جِي فهرست تان هٽائي سگهجن ٿا، جهڙوڪ جڏهن اهي قانوني عمل درآمد يا تحفظ واري طاقتن جي ذريعي قيد ڪيا ويندا آهن ، هڪ سرڪاري مستند وسيلي جي ذريعي انهن جي موت جي پڪ ٿيندي آهي.

  • ڇا توهان انصاف جي فنڊ لاءِ انعامن تي تفصيلون مهيا ڪري سگهو ٿا؟

    ڇا توهان انصاف جي فنڊ لاءِ انعامن تي تفصيلون مهيا ڪري سگهو ٿا؟

    • انصاف لاءِ انعامن وارو فنڊ هڪ غير سرڪاري، غير منافعي بخش 501 (سي)(3) خيراتي تنظيم هئي جنهن جي رياست جي انصاف لاءِ انعامن واري پروگرام جي آميريڪي اداري سان اڪيلي نسبت جو مقصد آمريڪا ۽ غير ملڪن ۾ دهشتگردن جي سڃاڻپ ۽ انهن جي سمجھ ۾ استعمال لاءِ رياست جي آمريڪي اداري لاءِ نجي امداد گڏ ڪرڻ ۽ مهيا ڪرڻ هو. انصاف لاءِ انعامن وارو فنڊ نجي آمريڪي شهرين جي هڪ گروپ جي ذريعي ٺاهيو ويو ۽ هلايو ويو. ان گروپ 11 سيپٽمبر جي حملن کان پوءِ جلدي ئي رياست جي آمريڪي اداري تي پهچ حاصل ڪئي ۽ آر ايف جي کي هٿي ڏيڻ لاءِ عام عوام کان چندي جي ذريعي پئسا گڏ ڪرڻ لاءِ منظوري جي درخواست ڪئي. اسان هن تجويز جو جائزو ورتو ۽ انصاف لاءِ انعامن واري فنڊ کي هٿي ڏني. 11 سيپٽمبر واري سالن ۾ مدد ڏيڻ کان پوءِ، هي فند آگسٽ 2008 ۾ موقوف ڪيو ويو.

  • انعام کي آڇي، ڇا توهان فياض شڪارين کي همٿائي نه رهيا آهيو؟

    انعام کي آڇي، ڇا توهان فياض شڪارين کي همٿائي نه رهيا آهيو؟

    • اسين سرڪاري امداد جي تلاش ڪرڻ وارن ۽ ٻين غير سرڪاري ماڻهن کي دهشتگردن کي پڪڙڻ کي جاري رکڻ جي سختي سان حوصلي شڪني ڪريون ٿا؛ ان جي بدران، آر ايف جي ان معلومات لاءِ انعام مهيا ڪري ٿو جيڪا مناسب حڪومتي اختيارن کي انهن ماڻهن جي جڳه جو پتو لڳائڻ ۽ انهن کي گرفتار ڪرڻ جي قابل ڪندي.

  • جيڪڏهن آئون معلومات مهيا ڪرڻ چاهيان، ته آئون ڪنهن سان رابطو ڪريان؟

    جيڪڏهن آئون معلومات مهيا ڪرڻ چاهيان، ته آئون ڪنهن سان رابطو ڪريان؟

    • جن ماڻهن کي معلومات هجي انهن کي ويجهي آمريڪي سفارت خاني يا قونصل خاني تي، ايف بي آئي تي، علاقائي تحفظ جي آفيس ۾ رابطو ڪرڻ گهرجي، يا هيٺئين رابطي جي معلومات استعمال ڪرڻ گهرجي.

      ٽپال ايڊريس: RFJ, Washington D.C. 20522-0303

      آمريڪا مفت نمبر: 1-800-US-REWARDS

      اي ميل: [email protected]

  • آئون توهان جي ويب سائٽ تان پنهنجي نمائش يا اشاعت ۾ مواد (تصويرون) استعمال ڪرڻ لاءِ اجازت گهرڻ چاهيندس.

    آئون توهان جي ويب سائٽ تان پنهنجي نمائش يا اشاعت ۾ مواد (تصويرون) استعمال ڪرڻ لاءِ اجازت گهرڻ چاهيندس.

    • ايستائين جو حقِ اشاعت ظاهر ٿئي، هن ويب سائٽ تي معلومات عوامي ميدان ۾ آهي ۽ اها وري ٺاهي سگهجي ٿي، شايع ڪري سگهجي ٿي يا ٻي صورت ۾ آر ايف جي جِي اجازت کان سواءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي. اسين درخواست ڪري سگهون ٿا ته آر ايف جي کي معلومات جي وسيلي طور حوالو ڏنو وڃي ۽ جيئن به مناسب ٿئي، ڪنهن به تصوير جون ساراهون يا نالا ساڳئي طرح فوٽو گرافر يا ليکڪ يا آر ايف ڏانهن سارهايا وڃن.

      جيڪڏهن هڪ تصوير، گرافڪ يا ڪنهن ٻئي مواد تي حقِ اشاعت ظاهر ٿئي ٿي، ته ان مواد کي نقل ڪرڻ جي اجازت اصل وسيلي کان ضرور ورتي وڃي. اضافي طور، توهان کي آگاھ ٿيڻ گهرجي ته هڪ جرم وارو آئين، 18 يو. ايس. سي. 713، سيڪشن ۾ ٻڌايل ڪجھ حالتن هيٺ آمريڪا جي عظيم مهر جي استعمال کان روڪي ٿو؛ تنهن ڪري، اسين سفارش ڪريون ٿا ته ڪنهن به مضمون ۾ عظيم مهر استعمال ڪرڻ کان پهرين ڪائونسل کان مشورو وٺو.