گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

عبدالرئوف ذاڪر

5 ملين ڊالر تائين

عبدالرئوف ذاڪر، عرف قاري ذاڪر، حقاني نيٽورڪ جي خودڪش ڪاروائين جو سربراه ۽ افغانستان جي ڪابل، تخار، قندوز، ۽ بغلان صوبن ۾ آپريشنل ڪمانڊر جي منصب تي فائز آهي. ذاڪر حقاني نيٽورڪ جي ٽريننگ پروگرامن جو ذميوار آهي، جن ۾ ننڍن توڙي وڏن هٿيارن ۽ بيسڪ امپروائزڊ ايڪسپلويو ڊيوائس(IED) جي جوڙجڪ جون هدايتون شامل آهن.

ذاڪر 2008 ۾ حقاني نيٽورڪ جي ليڊر سراج الدين حقاني سان رابطو ڪيو، ۽ اتر افغانساتن ۾ آپريشن ۽ گروپ جو اثر رسوخ کي وڌائڻ جي لاءِ مالي مدد جي گذارش ڪئي، ۽ هي سراج الدين جو اعتبار جوڳو ۽ رازدار ساٿي بڻجي چڪو آهي. هي حقاني نيٽورڪ جي هاءِ پروفائيل خودڪش حملن ۾ شامل رهي چڪو آهي ۽ ٿورو گهڻو ضلعي سطح جي ڪمانڊرن کان وڏي پيماني وارن حملن کي اڳتي وڌائڻ يا نه وڌائڻ وارن حتمي فيصلن ۾ به شامل رهيو آهي. ذاڪر جي ٽريننگ پروگرامن مان چونڊيل ماڻهن ذريعي ڪيل حملن ۾ شامل آهن اتحادي فوجين جي سليرنو ۽ چپمين جي اڏن تي 2010 ۾ حملو؛ جون 2011 ۾ انٽرڪانٽينٽل هوٽل تي حملو، جنهن ۾ 11 شهري ۽ ٻه افغاني پوليس وارا مارجي ويا؛ سيپٽمبر 2011 جو ڪابل ۾ آمريڪي سفارتخاني تي حملو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ٻارن سميت، 16 افغاني مارجي ويا.

آمريڪي خارجي محڪمي عبدالرئوف ذاڪر کي 5 نومبر 2012 ۾ ايگزيڪٽو آرڊر 13224 تحت خاص نامزد ٿيل عالمي دهشتگرد طور نامزد ڪري ٿو.

حقاني نيٽورڪ هڪ جنگجو گروپ آهي جنهن جو بنياد جلال الدين حقاني وڌو، هو 1980 جي ڏهاڪي کان افغانستان جي جنگي ميدان جو ڪمانڊر رهيو ۽ سويت يونين خلاف وڙهيو. حقاني نيٽورڪ افغان طالبان ۽ القائده جو اتحادي آهي ۽ افغانستان ۾ طالبان حڪومت قائم ڪرڻ چاهي ٿو. حقاني نيٽورڪ بنيادي طور تي پاڪستان جي وزيرستان ۾ قائم آهي، ۽ اتان کان ڪابل ۽ افغانستان ۾ ڪراس بارڊر آپريشن ڪري ٿو. حقاني افغانستان ۾ افغان فورسز ۽ اتحادين کي نشانو بڻائڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ موتمار باغي ٽولو سمجهيو وڃي ٿو.

حقاني نيٽورڪ افغان حڪومت ۽ عام شهرين کي نشانو بڻائڻ سان گڏ، افغانستان ۾ آمريڪي ۽ اتحادي فوجين تي ڪيترائي اهم حملا ۽ اغوا ڪري چڪا آهن ۽ منصوبا ٺاهي چڪا آهن. هن گروپ جي ڪجهه خاص ۽ وڏن حملن مان هڪ ڪابل ۾ جون 2011 ۾ انٽرڪانٽينينٽل هوٽل تي حملو شامل آهي، جنهن ۾ 11 شهري ۽ ٻه افغان پوليس وارا مارجي ويا؛ سپيٽمبر 2011 ۾ افغانستان جي صوبي ورداڪ ۾ ٽرڪ ۾ بم ڦاڙيو ويو، جنهن ۾ 77 آمريڪي فوجي زخمي ٿي پيا؛ سيپٽمبر 2011 ۾ ڪابل ۾ آمريڪي سفارتخاني تي ۽ انٽرنيشنل سيڪيورٽي اسسٽنس فورس (ISAF) تي 19 ڪلاڪ وارو حملو ڪيو ويو؛ جون 2012 ۾ فارورڊ آپريٽنگ بيس سليرنو ۾ خودڪش بم حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻه آمريڪي فوجي مارجي ويا ۽ 100 کا مٿي زخمي ٿيا؛ جون 2012 ۾ ڪابل ۾ Spozhmai هوٽل جي 12 ڪلاڪن واري محاصرو، جنهن جي نتيجي ۾ 14 شهرين سميت، 18 افغاني مارجي ويا.

آمريڪي خارجي محڪمي 19 سيپٽمبر 2012 تي، حقاني نيٽورڪ کي پرڏيهي دهشتگرد تنظيم طور نامزد ڪيو.