گهربل
ڄاڻ جيڪا انصاف ڏياري

عبد الصبور

ـ 3 ملين ڊالر کان مٿي جو انعام

عبد الصبور حزبِ اسلامي گلبدين (HIG) سان واسطو رکندڙ ڌماڪيدار مواد ٺاھڻ جو ھڪڙو ماھر آھي.

صبور16 مئي 2013ع تي ڪابل، افغانستان ۾ ٿيل ھڪڙي حملي جو ذميوار آھي، اھو حملو گاڏيءَ ۾ لڳل ھڪڙي ڌماڪيدار ڊيوائيس (SVBIED) ذريعي ڪيو ويو. جنھن جي نتيجي ۾ ھڪڙي آمريڪي فوجي SUV تباھ ٿي وئي، ٻه فوجي ۽ چار آمريڪي سيولين ڪانٽريڪٽر، ٻن ٻارن سميت اٺ افغاني شھري مارجي ويا ۽ 37 ٻيا ماڻھو زخمي ٿيا.

صبور ۽ HIG جو ڌماڪن جو ماھر عبداللہ نوبھار 18 سيپٽمبر 2012ع ۾ ھڪڙي بس تي ٿيندڙ SVBIED حملي جا مکيه جوابدار آھن، اھا بس ڪابل انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي غير ملڪي ملازمن کي کڻي وڃي رھي ھئي، جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ درزن کان وڌيڪ ماڻھو مارجي ويا ھئا.