تازه خبرون

قاسم الرِمي

10 ملين ڊالر تائين

ايمان الزواھري سان فوري معاھدي کانپوء قاسم الرمي کي ۲۰۱۵ جون م الف ق الف پ جو اميــر مقرر ڪيو ويو ء آمريڪا تي نئين حملن جي دعوت ڏني وئي .الرمي ۱۹۹۰ م افغانستان جي القاعدہ جي وفد جي دھشتگردن کي سکيا ڏئي يمــن واپس اچي الف ق الف پ جو عسڪري سربراہ مقرر ٿيو. يمن م موجود آمريڪي نمائندي کي ۲۰۰۵ م مارڻ جي منصوبہ بندي ڪرڻ جي ڏوہ م پنج سال قيد ٻڌائي وئي پر ھؤ ڀڄي نڪتو ۲۰۰۵م .الرمي ۲۰۰۸ م سناء م آمريڪي سفارتخاني تي حملي م ملوث ھو جنھن م ۱۰ يمني محافظ، ۴ شھري ، ء ۶ دھشتگرد مارجي ويا .ڊسمبر ۲۰۰۹ م آمريڪي حواباز تي خودڪش حملو ڪندڙ عمر فاروق عبدالمطلب المعروف ”انڊرويئر بمبار “ سان پڻ ملوث رھيو.يمني حڪومت ۲۰۰۹ م ھُن تي يمن جي صوبي ابيــان م القاعدہ جي تربيتي مرڪز کولڻ تي ڏوھي قرار ڏنو.

(پورو مواد »)

خالد سعيد البتارفي

5 ملين ڊالر تائين

خالد البتارفي يمن جي حضر موت واري علا ئقی م الف ق الف پ جو وڏوسربراہ ء الف ق الف پ ج شورا جو سابق ڪارڪن رھيو آھي.۱۹۹۹۰ م ھو افغانستان ويوجتي ھن القائدہ الفاروق وفد کي سکياء ڏني.۲۰۰۱ م ھن آمريڪي فوجين سا گڏوگڏ اترين اتحاد سان بہ وڙھيو.۲۰۱۰ م البتارفي يمن جي الف ق الف پ سان گڏيو، يمن جي صوبي ابيان تي حڪمراني لاء الف ق الف پ جو اڳواڻ ٿي ڪري الف ق الف پ ابيان جو امــير سڏرايو.الف ق الف پ جي اڳواڻ ناصر الوحاشي جي جون ۲۰۱۶م عسڪري پلاند م مارجي وڃڻ تي ھن ھڪ بيان م خبردار ڪيو تہ القائدہ آمريڪا جي معاشيات ء ٻين نفعن کي تباہ ڪري ڇڏيندو.

(پورو مواد »)

عبدالله احمد عبدالله

10 ملين ڊالر تائين

عبد الله القائده جو ھم سينيئر اڳواڻ آھي ۽ القائده جي اڳواڻي ڪائونسل “مجلس الشوريٰ” جو ميمبر آھي عبد الله ھڪ تجربيڪار مالياتي آفيسر، سھولت ڪار ۽ القائده جي سرگرمين جو منصوبو سٽيندڙ آھي.

وفافي وڏي عدالت سڳوري عبد الله تي نومبر1998 تي فرد جرم لاڳو ڪيو ۽ سندس 7 آگسٽ 1998 ۾ دارالسلام، تنزانيه ۽ نيروبي، ڪينيا ۾ آمريڪي سفارتخانن تي بمن سان حملي لاءِ ذميوار ٺھرايو. انھن حملن ۾ 224 شھري مارجي ويا ۽ جڏھن ته 5000 کان مٿي زخمي ٿيا ھيا.

1990 ۾ عبد الله القائده کي سرگرمين ڪرڻ لاءِ فوجي سکيا ڏني ۽ پڻ صومالي قبائلين کي جيڪي موغاديشو ۾ آمريڪي فورس سان “آپريشن ريسٽور ھوپ” جي دوران وڙھيا. 1996 کان 1998 تائين ھن افغانستان ۾ ڪيترائي تربيتي ڪئمپون ھلايون.
(پورو مواد »)

سيف ال عدل

10 ملين ڊالر تائين

العدل القائده جو سينيئر اڳواڻ ۽ القائده اڳواڻي ڪائونسل “مجلس الشوريٰ ” جو ميمبر آھي. العدل القائده ملٽري ڪميٽي جو پڻ سربراھ آھي.

وفافي وڏي عدالت سڳوري عبد الله تي نومبر1998 تي فرد جرم لاڳو ڪيو ۽ سندس 7 آگسٽ 1998 ۾ دارالسلام، تنزانيه ۽ نيروبي، ڪينيا ۾ آمريڪي سفارتخانن تي بمن سان حملو ڪرڻ لاءِ ذميوار ٺھرايو. انھن حملن ۾ 224 شھري مارجي ويا ۽ جڏھن ته 5000 کان مٿي زخمي ٿيا ھيا.

ھو مصري اسپيشل فورس ۾ 1987 تائين جيستائين ٻين ھزارين حڪومت مخالف ويڙھاڪن سان مصري گھرو وزير جي قتل جي ڪوشش ۾ گرفتار ٿيڻ تائين ليفٽيننٽ ڪرنل ھيو

1990 جي شروعاتي دور ۾ العدل ۽ ٻين القائده کي مختلف ملڪن جھڙوڪ افغانستان، پاڪستان ۽ سوڊان ۾ ملٽري ۽ جاسوسي جي سکيا ڏني، القائده ۽ ان سان لاڳاپيل ڌڙن جھڙوڪ مصري اسلامي جھاد کي پڻ دھشتگردي جي سکيا ڏني.
(پورو مواد »)

عبدالولي

ـ 3 ملين ڊالر کان مٿي جو انعام

عبدالولي جماعت الحرار (جي يو اي) جيڪا هڪ تحريڪ طالبان (ٽي ٽي پي) سان سلهاڙيل هڪ دهشتگرد شاخ آهي .اهو مبينه طور افغنستان جي نگرهار ۽ ڪنار صوبن مان ڪاروائي ڪري ٿو.

ولي جي اڳواڻي ۾ جي يو اي پنجاب جي ٽي ٽِي پي نيٽورڪ جي عملي طور سرگرم نيٽورڪن مان هڪ آهي ۽ سڄي پاڪستان گهڻ طرفيين خودڪش بم ڌماڪن ۽ ٻين حملن جي دعويٰ ڪئي آهي.

مارچ 2016 تي جي يو اي لاهور پاڪستان جي پبلڪ پارڪ ۾ خودڪش بم ڌماڪو ڪي جنهن ۾ 75 ماڻهو مارجي ويا ءِ 340 زخمي ٿيا.

آگسٽ 2015 تي جي يو اي پنجاب ۾ پنجاب جي گهرو وزير شجاع خانزادا ۽ انجي 18 حمايتين تي خودڪش بم ڌماڪو ڪري مارڻ جي جوابداري قبول ڪئي.

(پورو مواد »)

منگل باغ

ـ 3 ملين ڊالر کان مٿي جو انعام

منگل باع تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي هڪ دهشگرد ڀاڱي لشڪر اسلامي جو اڳواڻ آهي. سندس گروه نشي جي منتقلي، شين جي غيرقانوني منتقلي، اغوا ڪاري، نيٽو جي قافلن تي ڇاپن ۽ پاڪستان افغانستان جي تجارتي راهداري جي ٽئڪسن مان ڪمائي ڪري ٿو.

باغ 2006 کان لشڪر اسلامي جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي ۽ لاءِ افغانستان جي اڀرندي ۽ پاڪستان جي اولهندي جي علائقن خاص طور افغنستان جي نگرهار صوبي جي جن تي سندس ضابطو آهي انتها درجي جي ديوبندي اسلام اتحاد کي نافذ ڪندي حسب دستور پنهنجن ناجائز آمدني وهڪري جو تحفظ ڪندو رهيو آهي.

خيبر اجينسي پاڪستان ۾ پئدا ٿيو وچ چاليهن جو لڳندو هوندو. باغ آفريدي قبيلي جو رڪن آهي. اهو هڪ مدرسي ڪيترن سالن تائين پڙهندو رهيو ۽ بعد ۾ افغانستان جي انتها پسند گروهن سان گڏ وڙهيو.

(پورو مواد »)

احلم احمد التميمي

5 ملين ڊالر تائين

هڪ اردني شهري، احلم احمد التميمي، کيس ”خلاطي“ ۽ ”حلاتي“ به چيو ويندو آهي، حماص جي سرگرم دهشتگرد مجرم قرار ڏنل آهي.

9 آگسٽ، 2001، التميمي پرهجوم يروشلم سبارو پزيريا ۾ هڪ بم ۽ خودڪش بمبارمنتقل ڪيو، جتي 15 ماڻهن ۽ ست ٻارن کي ماريندي بمبار ڌماڪيدار مواد جو ڌماڪو ڪيو. جديس شوشانه، گرينبام، 31 سالن جي نيو جرسي جي هڪ ڳورهاري استاد ۽ 15 سالن جي مالڪا شانا روٿ ٻه آمريڪي شهري به حملي ۾ مارجي ويا.چار آمريڪين سميت 120 کان مٿي ٻيا به زخمي ٿيا. بمباري جي حماص ذميداري قبول ڪئي.

2003ع ۾، التميمي کي اسرائيلي ڪورٽ پاران حملي جي شرڪت ڪري ملزم قرار ڏنو ويو ۽ بمبار جي ساهتا ڪرڻ تي کيس 16 ڀيرا عمر قيد ٻڌائي وئي. حماص ۽ اسرائيل جي قيدين جي مٽاسٽا ۾ کيس آڪٽوبر 2011 آزاد ڪيو ويو. 14 مارچ، 2017 تي، يو ايس جي انصاف جي کاتي پاران يو ايس جي جي قانون هيٺ ”يو ايس جي يو ايس کان ٻاهر شهرين کي ماريندڙوڏي پيماني تي تباهي ڪندڙ هٿيار جي استعمال تي التميمي جي گرفتاري لاءِ هڪ مجرمانه شڪايت جو اظهار ڪيو ويو“. التميمي کي ايف بي آئي پاران ” مسلح ۽ خطرناڪ“ سمجهندي نهايت گهربل دهشتگردن جي فهرست ۾ به شامل ڪيو ويو.

(پورو مواد »)

طلال حاميه (Talal Hamiyah)

ـ 7 ملين ڊالر کا مٿي جو انعام

طلال حاميه حزب الله جي بيروني حفاظتي تنظيم (اي ايس او)، جيڪا دنيا ڀر ۾ منظم ڪيل حفاظتي سيل هلائي ٿي. اي ايس او جي منصوبه بندي، ملجلي ڪم ڪرڻ، ۽ لبنان کان ٻاهر دهشت گرد حملن جي بجا آوري لاءِ حزب الله جو زميدار عنصر آهي. اهڙن دهشت گرد حملن ابتدا ۾ ئي اسرائلين ۽ آمريڪين کي نشانو بنا يو آهي.

طلال حاميه کي 13 سيپٽمبر، 2012 ۾ يو ايس جي خزاني جي ڊپارٽمنٽ اعليٰ اختياري حڪمنامي 13224 تحت وچ اوڀر ۽ سڄي دنيا ۾ دهشتگرد سرگرمين ۾ حزب الله جي ساهتا ڪرڻ تي خاص عالمي دهشتگرد قرار ڏنو آهي.

(پورو مواد »)

فواد شڪر (Fuad Shukr)

5 ملين ڊالر تائين

فواد شڪر حزب الله جي عسڪري معاملن جي سيڪريٽري جنرل حسن نصرالله جو گهڻي وقت کان مهان صلاحڪار آهي.شڪرحزب الله جو مهان ڪارندو آهي جيڪو ڏاکڻي لبنان ۾ حزب الله جي عسڪري فوج جو ڪمانڊر آهي.اهو حزب الله جي مٿاهين عسڪري باڊي، جهاد ڪائونسل ۾ ڪم ڪري ٿو.

شڪر جو حزب الله جي لاءِ انجي توسط سان کان 30 مٿي سالن جي سرگرمين جو عرصو آهي.اهو حزب الله جي ڪمانڊر امداد مغنيه جيڪو هاڻ فوت ٿي چڪو آهي تنهن جو ويجهو ساٿي هئو. شڪر 23 آڪٽوبر، 1983 تي بيروت ۾ يو ايس جي مرين ڪارپس جي بئرڪن تي بمباري، جنهن ۾ 241 يو ايس جا سرڪاري ڪامورا مارجي ويا، جي منصوب بندي ۽ انجام دهي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو.

(پورو مواد »)

محمد الجولاني Muhammad al-Jawlani

10 ملين ڊالر تائين

محمد الجولاني، ابو محمد الگولاني طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو، محمد الجولاني طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو، ھي دھشتگرد تنظيم جو وڏو اڳواڻ آھي، النصره فرنٽ (ANF)، شام ۾ القاعدہ جي برانچ. اپريل 2013 ۾، القاعده ۽ ان جي اڳواڻ ايمن الظواھري سان گڏ شامل ٿيو. جولائي 2016۾، الجولاني ھڪڙي آن لائن ويڊيو ۾ القاعده ۽ ايمن الظواھري جي ساراھ ڪئي ۽ دعويٰ ڪئي ته ANFجو نالو تبديل ڪري جبھة فتح الشام (”سرزمين شام جي فتح جو محاذ“) الجولاني جي اڳواڻيءَ ۾، ANF پوري شام ملڪ ۾، عام شھرين کي نشانو بڻائيندي دھشت گرديءَ جا مختلف حملا ڪيا. اپريل 2015 ۾، خبرن مطابق ANF شام ۾ ھڪڙي چيڪ پوائنٽ تان 300 عام ڪرد شھرين کي اغوا ڪيو ۽ پوءِ ڇڏي ڏنو. جون 2015۾، ANFشام جي صوبي ادلب جي دروز ڳوٺ قلب لوزه ۾ 20رھاڪن جي قتل عام جي ذميواري قبول ڪئي. (پورو مواد »)

جوئل ويسلي شرم جو قتل

تعز، يمن. | ۱۸ مارچ ۲۰۱۲ع

۱۸ مارچ ۲۰۱۲ع تي، شرم، عمر ۲۹ سال، کي تعز، يمن ۾ ڪم تي ويندي رستي ۾، موٽر سائيڪل تي پويان ويٺل ھڪڙي ھٿياربند سندس گاڏيءَ جي ڀرسان گذرندي، کيس گولي ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ھو. مرڻ وقت، شرم انٽرنيشنل ٽريننگ اينڊ ڊيولپمنٽ سينٽر ۾ ايڊمنسٽريٽر ۽ انگريزي استاد طور ڪم ڪندو ھو. ھو يمن ۾ پنھنجي زال ۽ ٻن ننڍن ٻارن سان گڏ رھندو ھو. حملي کان ڪجھ ڏينھن پوءِ، جزيره نما عرب (AQAP)۾ دھشت گرد تنظيم القاعده ھن قتل جي ذميواري قبول ڪئي. آمريڪي پرڏيھي کاتي جو ريوارڊز فار جسٽس پروگرام (انصاف لاءِ انعام پروگرام) آمريڪي شھري جوئل شرم جي قتل ڪندڙ، رٿابندي ڪندڙ، يا قتل ۾ مدد ڪندڙ ماڻھن کي گرفتار ڪرائڻ يا سزا ڏيارڻ بابت ڄاڻ ڏيڻ تي پيش ڪري رھيو آھي ۵ ملين آمريڪي ڊالر جو انعام. (پورو مواد »)

ابو بڪر البغدادي (Abu Bakr al-Baghdadi)

25 ملين ڊالر تائين

ابوبڪر البغدادي، ابو دعا جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، ابراھيم، اواد ابراھيم، علي البدري نالي سان پڻ مشھور آھي، اھو دھشت گرد تنظيم اسلامڪ اسٽيٽ آف عراق اينڊ ليوينٽ (آئي ايس آئي ايل) جو وڏو اڳواڻ آھي. ۲۰۱۱ع ۾ البغداديءَ جو ڏس پتو ٻڌائڻ، گرفتار ڪرائڻ، يا سزا ڏيارڻ تي ڊپارٽمنٽ آف اسٽيٽ پاران ۱۰ ملين آمريڪي ڊالر ابتدائي انعام رکڻ جي ڪري البغداديءَ کي خطرو اڃا وڌي ويو آھي. جون ۲۰۱۴ع ۾آئي ايس آئي ايل (جيڪا داعش جي نالي سان پڻ مشھور آھي) شام ۽ عراق جي ڪجھ حصن تي ڪنٽرول ڪري ورتو، انھن اسلامي خلافتي نظام رائج ڪيو، ۽ البغداديءَ کي خليفي جو نالو ڏنو ويو. ھاڻوڪن سالن ۾، آئي ايس آئي ايل سڄي دنيا ۾ موجود جھادي گروپن ۽ شدت پسند ماڻھن جونوفاداريون حاصل ڪري ورتيون آھن، ۽ آمريڪا تي حملا ڪرڻ تي کين راضي ڪري ورتو آھي. (پورو مواد »)

گل مراد خليموف (Gulmurod Khalimov)

ـ 3 ملين ڊالر کان مٿي جو انعام

گل مراد حليموف تاجڪستان جو ثابق ڪرنل اسپيشل آپريشن، پوليس ڪمانڊر، مليٽري نشان باز اسلامي رياست عراق ۽ ليوانٽ (آئي ايس آئي ايل) جو هڪ رڪن ۽ ڀرتي ڪار آهي. اهو تاجڪستان جي وزارتِ داخلا ۾ مخصوص معاون فوجي يونٽ جو ڪمانڊر هئو. خليموف هڪ افواهي ويڊيو ۾خاطري ڪندي اهو ظاهر ڪيو ته هو آئي ايس آئي ايل پاران وڙهي ٿو ۽ هن آمريڪين لاءِ سرِعام تخريبي عملن لاءِ سڏيو. (پورو مواد »)

ابو محمد الشمالي (Abu-Muhammad al-Shimali)

5 ملين ڊالر تائين

مها اسلامي عراق ۽ ليوانٽ (آئي ايس آئي ايل) جو سرحدي اڳواڻ تراد الجبره جيڪوبهتر نموني ابو محمد الشمالي ڄاتوطور وڃي ٿو سو 2005 کان آئي ايس آئي ايل جنهن کي پهريائين القائده چيو ويندو هئو سان وابسطه رهيو آهي. اهو هاڻي آئي ايس آئي ايل جي اميگريشن ۽ لاجسٽڪ ڪاميٽي جو ڪليدي ڪامورو آهي ۽ پرڏيهي ويڙهاڪن جي ابتدائي طور غازيان تيپ، ترڪي ۽ انکان اڳتي آئي ايس آئي ايل جي (پورو مواد »)

اها معلومات جيڪا اسلامي عراقي ۽ ليوانٽ رياست (آئي ايس آئي ايل) جي فائدي جي لاءِ تيل ۽ قيمتي نوادرات جي منتقلي روڪٿام ۾ قابلِ قدر رهنمائي ڪندي

 

انصاف جو انعامي منصوبو اسلامي عراقي ۽ ليوانٽ رياست (آئي ايس آئي ايل) جنهن کي عربي انداز ۾ دائش به ڪوٺبو آهي تنهن جي بلواسطه فائدي لاءِ تيل ۽ قيمتي نوادرات جي تجارت/وڪري متعلق قابل قدر رڪاوٽ ۾ اڳڀرائي ڪندڙ معلومات تي 5 ملين يو ايس ڊالرن جي پيشڪش ڪري رهيو آهي. (پورو مواد »)